شهدادڪوٽ (رپورٽر): شهدادڪوٽ جي حدن ۾ واقع ڳوٺ اڪرم جتوئي ۾ ڪارنهن جي مبينا الزام هيٺ چاچي بي درديءَ سان فائرنگ ڪري پنهنجي ڀائٽي ۽ هڪ نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو آهي.مليل ڄاڻ موجب، ڳوٺ اڪرم جتوئي ۾ غيرت جي نالي تي تڪرار تان چاچي گهر اندر فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ سندس ڀائٽي مسمات افروز جتوئي ۽ نوجوان امتياز شاهه گوليون لڳڻ سبب ٿڏي تي ئي دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو. ٻٽي قتل واري واقعي بعد ڳوٺ ۾ سخت خوف ۽ تڪرار واري صورتحال پيدا ٿي وئي آهي. اطلاع ملڻ تي مقامي پوليس پهچي لاشن کي تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو. پوليس جو چوڻ آهي ته واقعو مبينا طور سياهه ڪاريءَ جي معاملي تان پيش آيو آهي، جوابدار جي گرفتاريءَ لاءِ ناڪابندي ڪري ڇاپا هنيا پيا وڃن










