اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو آهي ته شهداءِ پوليس جون قربانيون قومي تاريخ جو روشن باب آهن.يومِ شهداءِ پوليس تي جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ محسن نقوي پوليس جي شهيدن کي خراجِ عقيدت پيش ڪندي چيو ته پوليس جا شهيد قوم جا حقيقي هيرو آهن، سندن لازوال قربانيون قوم هميشه ياد رکندي. محسن نقوي چيو ته ملڪ ۾ امن و امان جي قيام لاءِ پوليس فورس جون خدمتون فخر جوڳيون آهن، دهشتگرديءَ ۽ ڏوهن خلاف جنگ ۾ پوليس بي مثال بهادريءَ جو مظاهرو ڪيو. وفاقي گهرو وزير جو وڌيڪ چوڻ هو ته شهداءِ پوليس جون عظيم قربانيون وطن جي امن ۽ استحڪام جون ضامن آهن، قوم پنهنجي بهادر پوليس آفيسرن ۽ جوانن جي قربانين کي سلام پيش ڪري ٿي.










