شهباز گِل تي تشدد جي جاچ لاءِ ڪميٽي ٺاهيو، فواد

شهباز گِل تي تشدد جي جاچ لاءِ ڪميٽي ٺاهيو، فواد

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پي ٽي آءِ جي اڳواڻ فواد چوڌري مطالبو ڪيو آهي ته سندن پارٽي جي گرفتار اڳواڻ شهباز گِل تي ٿيل جسماني ۽ جنسي تشدد جي جاچ لاءِ ڪميٽي جوڙيو. هن چيو ته پيپلز پارٽي جي مصطفيٰ نواز کوکر ۽ مسلم ليگ (ن) جي خواجا سعد رفيق ۽ شيري مزاري تي مشتمل ڪميٽي جاچ ڪري. هن چيو ته خواجا ۽ کوکر پنهنجي پارٽي جي ابتڙ حقيقت پسند موقف اختيار ڪيو آهي. ياد رهي ته شهباز گل کي فوج ۾ بغاوت لاءِ اڪسائڻ واري بيان تي کيس گرفتار ڪيو ويو آهي. سيشن ڪورٽ جاچ لاءِ پوليس حوالي ڪرڻ جي درخواست تي فيصلو ڪرڻ کان اڳ سندس ميڊيڪل چيڪ اپ جو حڪم ڏنو آهي ۽ هو ڪالهه کان پمز اسپتال ۾ داخل آهي. جمعي تي عمران خان ساڻس ملاقات لاءِ ويو هو پر عدالتي اجازت نه هئڻ ڪري کيس موٽايو ويو هو. اڄ ڇنڇر تي عمران خان مغرب کانپوءِ ملڪ م احتجاج جو اعلان ڪيو آهي. شهباز گل سان ريپ جو خبرون به سوشل ميڊيا تي گردش ۾ آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو