اسلام آباد (بيورو)پي ٽي آءِ اڳواڻ اسد عمر ۽ بابر اعواڻ جو چوڻ آهي ته شهباز گل کي حراست ۾ تشدد جو نشانو بڻايو پيو وڃي، قانون ۾ آهي ته ڪنهن تي به تشدد نه ڪيو وڃي.ان موقعي تي موجود پي ٽي آءِ اڳواڻ بابر اعواڻ پڻ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سي سي ٽي وي فوٽيجز ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته پستول جو بٽ ڪيئن ماريو ويو. بابر اعواڻ چيو ته شهباز گل عدالت ۾ قميص کڻي تشدد جا نشان ڏيکاريا، آئين جي آرٽيڪل 14 ون ايف جي به ڀڃڪڙي ڪئي پئي وڃي.پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو ته اسپتال کي به پوليس ٿاڻي ۾ تبديل ڪيو ويو آهي، ڪنهن کي به وڃڻ جي اجازت ناهي ڏني وڃي. هن چيو ته پوليس جي موجودگي ۾ اقبال جيڪو به ڏوهه ڪيو ان جي ڪا اهميت ناهي، اسان شهباز گل جي جان ۽ ذهني حفاظت جي درخواست ڪئي آهي. بعد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي اسد عمر چيو ته سڄي پاڪستان کي خبر آهي ته شهباز گل تي تشدد ڪيو ويو. اسد عمر چيو ته شهباز گل کي ساهه جو مسئلو هو ۽ ان رات پمز ۾ رهيس.










