شهباز گِل جي پريشانين ۾ واڌ، اپيل رد،2 ڏينهن جو جسماني ريمانڊ منظور

شهباز گِل جي پريشانين ۾ واڌ، اپيل رد،2 ڏينهن جو جسماني ريمانڊ منظور

اسلام آباد ( بيورو) اسلام آباد جي عدالت پي ٽي آءِ اڳواڻ شهباز گِل جي وڌيڪ ٻن ڏينهن جي جسماني رمانڊ جي نظرثاني درخواست منظور ڪري ورتي آهي. ايڊيشنل سيشن جج زيبا چوڌري پوليس جي نظرثاني درخواست تي فيصلو ٻڌايو، عدالتي فيصلي بعد پي ٽي آءِ اڳواڻ شهباز گِل ٻيهر ٻن ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪيوويو آهي.اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ شهباز گِل جي جسماني رمانڊ ٿيڻ ٿيڻ جي حڪم خلاف نظرثاني درخواست تي ٻڌڻي ٿي جنهن ۾ شهباز گِل جي وڪيل ۽ اسپيشل پراسيڪيوٽر دليل ڏنا. ٻڌڻي دوران شهباز گِل جي وڪيل سلمان صفدر دليل ڏيندي چيو ته رمانڊ ۾ ڪجهه رُخن کي ڳجهو قرار ڏنو ويو آهي، پوليس کي جوابدارن جو جسماني رمانڊ ڇو گهرجي؟ ان جو تعين ضرروي آهي، شهباز گِل خلاف ڪيس بدنيتي تي ٻڌل آهي، اسان کي ڪيس جو رڪارڊ به ناهي ڏنو ويو.پي ٽي آءِ اڳواڻ جي وڪيل چيو ته گرفتاري وقت شهباز گِل پنهنجو موبائيل فون کيسي ۾ وڌو جيڪو ويڊيو ۾ واضح نظر اچي رهيو آهي، موبائيل فون پوليس وٽ ئي ته آهي، پوءِ ڇو گهري رهيا آهن؟سلمان صفدر موقف اختيار ڪيو ته مخصوص حصو ڪيس ۾ داخل ڪيو ويو جيڪو غلط آهي، ٽي وي اينڪر سوال پڇو جنهن تي جواب ڏنو ويو، ان ۾ پهرين کان ڪيئن ڪجهه پلان ٿي سگهي ٿو؟ جڏهن ته مجسٽريٽ ٽن ڏينهن جو جسماني رمانڊ ڏنو هو، فوري استدعا رد نه ڪئي هئي. ٻڌڻي دوران پراسيڪيوٽر دليل ڏيندي چيو ته شهباز گِل کان رڳو ڊيٽا حاصل ناهي ڪرڻي، ڪيس جي مختلف رُخن ۾ جاچ ڪرڻي آهي. پراسيڪيوٽر موجب رڳو ڊيٽا جي ڳالهه هجي ها ته جسماني رمانڊ جي حمايت نه ڪريون ها، پي ٽي آءِ طرفان شهباز گِل تي مبينا تشدد جي عدالتي جاچ ڪرائڻ جو مطالبو.

پهنجو تبصرو موڪليو