اسلام آباد (رپورٽ الله وسايو گهوٽو ) سپريم ڪورٽ اپوزيشن ليڊر شهباز شريف جي ٻاهرين ملڪ وڃڻ کان روڪڻ لاءِ وفاقي حڪومت جي اپيل ٻڌڻي لاءِ منظور ڪري ورتي، جسٽس اعجاز الاحسن ۽ جسٽس سجاد علي شاهه تي ٻڌل 2 رڪني بينچ شهباز شريف کي ٻاهرين ملڪ وڃڻ کان روڪڻ لاءِ وفاقي حڪومت جي اپيل تي ٻڌڻي ڪئي جنهن کي عدالت شروعاتي ٻڌڻي لاءِ منظور ڪندي ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا، ٻڌڻي دوران اٽارنجي جنرل چيو ته مسئلو ڪنهن جي ٻاهرين ملڪ وڃڻ جو ناهي، عدالتي طريقيقار جو آهي، جنهن رفتار سان عدالت لڳي ۽ حڪم تي عملدرآمد جو چيو ويو اهو ڳڻتي جوڳي آهي، هاءِ ڪورٽ ۾ جمعته الوادع جي ڏهاڙي اعتراض لڳا ۽ ختم به ٿي ويا ۽ عدالت جي سنگل بينچ هڪ طرفو فيصلو ڏئي ڇڏيو، ان تي سپريم ڪورٽ چيو ته لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي جي خلاف حڪومتي ادارن قدم کنيا، بادي النظر ۾ حڪومت لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي جي توهين ڪئي، جسٽس سجاد علي شاهه چيو ته شهباز شريف هاءِ ڪورٽ کان درخواست واپس وٺي ڇڏي، درخواست واپس وٺڻ بعد وفاق جي اپيل ڪيئن ٻڌي سگهجي ٿي؟، شهباز جو ٻاهرين ملڪ واڃڻ وارو مامرو ته ختم ٿي ويو، هاڻي ڏسڻو هي آهي ته لاهور هاءِ ڪورٽ جي حڪم جي توهين ٿي آهي يا نه، حيرت آهي ته هاءِ ڪورٽ ڌرين کي ٻڌڻ کانسواءِ فيصلو ڪيئن ڏئي ڇڏيو، بعد سپريم ڪورٽ شهباز شريف کي نوٽيس جاري ڪندي لاهور هاءِ ڪورٽ جي رجسٽرار کان سمورو رڪارڊ طلب ڪندي ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي اربع تائين ملتوي ڪري ڇڏي..
جاپاني شهرين جي گاڏي لڳ ڌماڪو 2 فوت ۽ 2 زخمي
ايران تي اسرائيلي جارحيت، صورتحال جو جائزو وٺون پيا، پرڏيهي آفيس
جمشيد دستي ۽ اقبال احمد خان تي اجلاس ۾ شرڪت تي پابندي
مبينا جاسوسي جي جوابدار جي ضمانت واري درخواست رد
دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين سڪون سان نه ويهنداسين
دنيا جي سڀ کان وڏي چونڊ، ڀارت ۾ ووٽنگ شروع
انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 278 رپيا 50 پئسا ٿي ويو
ٽرانسپورٽ جو ڀڳل ٽٽل نظام
ڌاڙيلن خلاف جديد ٽيڪنالاجي سان گڏيل آپريشن جو فيصلو
اسرائيل جو ايران تي جوابي ميزائيل حملو
اسرائيلي حملي جو مناسب جواب ڏنو ويندو، ايران
پنجاب جي ضمني چونڊ، 10 ضلعن ۾ قلم 144 لاڳو
ورلڊ اوپن اسڪواش: پاڪستان جو حمزه خان مين ڊرا ۾ شامل
سلمان خان جي گهر ٻاهران سيڪيورٽي سخت
اڄوڪي-اخبار-2024-04-19
اڄوڪي-اخبار-2024-04-19
بل جمع ڪرائڻ ۾ دير ڪندڙ ايڊورٽائزنگ ايجنسيز خلاف ڪارروائي ٿيندي
ڀارتي ٽارگيٽ ڪلنگ تي ڪو بيان نه اچڻ جو مطلب اهو ناهي ته سُتل آهيون
جان محمد جي قتل ڪيس جي جاچ لاءِ نئين ڪميٽي قائم
پهرين ٽي ٽوئنٽي، برسات سبب ميچ ڪينسل