تيانجن: (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف چين جي شهر تيانجن ۾ شنگهائي تعاون تنظيم(ايس سي او) جي سربراهي اجلاس جي موقعي تي جمهوريه ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان سان اهم ملاقات ڪئي، ترڪ صدر ٻوڏ صورتحال ۾ قيمتي حياتي جي نقصان ۽ مالي نقصانن تي گهري ڏک ۽ همدردي جو اظهار ڪيو.رپورٽ موجب ملاقات ۾ ٻنهي اڳواڻن پاڪ ترڪ لاڳاپن جي موجوده صورتحال جو جائزو ورتو ۽ مختلف شعبن ۾ وڌندڙ تعاون تي اطمينان جو اظهار ڪيو. هن سياسي، اقتصادي، دفاعي ۽ سلامتي جي ميدانن ۾ اعليٰ سطحي تبادلن ۽ گڏيل ڪوششن جي تعريف ڪئي.صدر اردوان پاڪستان ۾ تازو سانوڻي جي برسات سبب ٻوڏ صورتحال ۾ قيمتي حياتي جي ضايع ۽ مالي نقصانن تي گهري ڏک ۽ همدردي جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته مشڪل وقت ۾ ترڪيه جي حڪومت ۽ عوام پاڪستان سان گڏ ڪلهو ڪلهي سان ملائي بيٺل آهي.ٻنهي اڳواڻن اهم علاقائي ۽ عالمي معاملن تي به ڳالهيون ڪيون. هن غزه ۾ بگڙجندڙ انساني صورتحال تي سختي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ فلسطيني عوام جي حقن جي حمايت ۽ اسرائيلي جارحيت، نسل ڪشي جي پاليسين جي مذمت لاءِ عالمي فورمز تي گڏيل ڪوششن جو ارادو ورجايو.وزيراعظم شهباز شريف ۽ رجب طيب اردوان اسرائيلي جارحيت ۽ نسل ڪشي جي پاليسين جي سخت مذمت ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ ترڪيه جي گهري ڀائراڻه لاڳاپن تي ڀروسي جو اظهار ڪيو ويو ۽ مسلم دنيا سميت عالمي امن، استحڪام ۽ خوشحالي جي لاءِ تعاون کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ تي اتفاق ڪيو ويو.










