لاهور(ويب ڊيسڪ)تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فواد چوڌري وزيراعظم شهباز شريف جي استعيفيٰ جو مطالبو ڪري ڇڏيو.هن چيو ته حڪومتي موقف موجب ملڪي معيشت ۽ سيڪيورٽي جون حالتون ايتريون خراب آهن جو چونڊون ممڪن ناهن.پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو ته اهڙي موقف کانپوءِ وزيراعظم کي پنهنجي ناڪامي جو اعتراف ڪندي استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي.فواد چوڌري وڌيڪ چيو ته خوش آئند آهي ته قومي سلامتي ڪميٽي پنهنجي پڌرنامي ۾ پاڻ کي سڪيورٽي معاملن تائين محدود ڪيو. اهي حڪومتي سياسي پارٽين جي ايجنڊا جو حصو نه بڻيا.










