شهباز شاخ تي ناجائز اڏاوتن ۽ گندو پاڻي ڇوڙ ڪرڻ خلاف ڌرڻو

شهباز شاخ تي ناجائز اڏاوتن ۽ گندو پاڻي ڇوڙ ڪرڻ خلاف ڌرڻو

سڪرنڊ (راج ڪماراوڏ) شھباز شاخ تي ناجائز اڏاوتن، شھر جي گٽرن جو گندو پاڻي ڇوڙ ڪرڻ ۽ شاخ جو غيرمعياري ڪم ٿيڻ خلاف ايس يو پي جي مرڪزي اڳواڻ سيدزين شاھ جي اڳواڻي ۾ شھباز شاخ روڊ تي احتجاجي مظاھرو  ڪري ڌرڻو هنيو ويو. ان موقعي تي سيد زين شاھ ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته شھباز شاخ تي غيرقانوني طور موريون ۽ ٻيون اڏاوتن سبب پڇڙي جي آبادگارن کي پاڻي نٿو پھچي شاخ ۾ شھر جو گندو پاڻي ڇوڙ ڪيو پيو وڃي جنھن سبب علائقي ۾ ڪاري سائي عام آھي جڏھن ته شاخ کي پڪي ڪرڻ وارو ٿيندڙ ڪم غيرمعياري ڪيو پيو وڃي. ھن مطالبو ڪيو ته شھباز شاخ تي ناجائز اڏاوتن گندي پاڻي ڇوڙ ڪرڻ واري عمل خلاف قدم کنيو وڃي ۽ شاخ تي ٿيندڙ غيرمعياري ڪم کي بند ڪرائي جانچ ڪئي وڃي. ھن وڌيڪ چيو ته مان انبن جوايڪسپورٽ جو ڪم ڪندو آھيان جيڪو گذريل ٻن سالن کان بند ڪري ڇڏيو آھي ڇا ڪاڻ جو شھباز مائينر جوپاڻي گدلو ۽.تمام خراب آھي جنھن کي ليبارٽريون رجيڪٽ ڪري چڪيون آھن جنھن ڪري اسان ننڊن زميندارن کي وڏو نقصان پيو ٿئي. ٻئي پاسي شھباز مائينر کي پڪو ڪرڻ جو ڪم به ھلي رھيو آھي مگر ان ۾ به انتھا درجي جو بيڪار مٽيريل استعمال ڪيو پيو وڃي ۽ مائينر جي ٻنھي ڪپن تي قبضا ٿيل آھن جتي ھوٽلون  پڻ ٺھيل آھن جن جو گندو پاڻي پڻ مائنر ۾ ڇڏيو ٿو وڃي. زين شاھ مطالبو ڪندي گھر ڪئي ته شھباز مائينر کي پڪو ڪرڻ لاءِ سٺو مٽيريل استعمال ڪيو وڃي ٻنھي ڪپن کي 60 فٽ تائين قبضا ھٽايا وڃن نه ته  ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو پوري سنڌ ۾ وڌايو ويندو

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو