شهباز جي قطري امير سان ملاقات، مشڪل وقت ۾ گڏ آهيون

شهباز جي قطري امير سان ملاقات، مشڪل وقت ۾ گڏ آهيون

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف قطر جي امير شيخ تميم بن حمد الثاني سان ملاقات ۾ اسرائيلي حملي جي سخت مذمت ڪئي. وزيراعظم هائوس پاران جاري ڪيل بيان موجب، وزيراعظم شهباز شريف ۽ قطر جي امير عرب اسلامي سربراهي ڪانفرنس جي موقعي تي ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ نائب وزيراعظم اسحاق ڊار ۽ آرمي چيف جنرل عاصم منير به موجود هئا.بيان موجب، وزيراعظم شهباز شريف 9 سيپٽمبر تي دوحا ۾ اسرائيلي حملي جي سخت مذمت ڪئي، ان کي قطر جي خودمختياري ۽ بين الاقوامي قانونن جي خلاف ورزي قرار ڏنو.وزيراعظم قطر جي سربراهي اجلاس سڏائڻ جي فيصلي جي تعريف ڪئي، جڏهن ته قطر جي امير وزيراعظم شهباز شريف جو سربراهي اجلاس ۾ شرڪت ڪرڻ تي شڪريو ادا ڪيو.وزيراعظم هائوس موجب، ٻنهي اڳواڻن خطي جي صورتحال تي ويجهي رابطي ۾ رهڻ تي اتفاق ڪيو.ان موقعي تي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته پاڪستان مشڪل وقت ۾ قطر سان گڏ بيٺو آهي، ۽ پاڪستان ۽ قطر جي وچ ۾ ڀائراڻا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيندا.شهباز شريف وڌيڪ چيو ته وچ اوڀر ۾ اسرائيلي جارحيت کي فوري طور تي روڪيو وڃي، ۽ مسلم امت جي اتحاد جي اڄ اڳ کان وڌيڪ ضرورت آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو