شنگهائي االيڪٽرڪ پاران ڳوٺاڻن ۾ مفت راشن تقسيم

شنگهائي االيڪٽرڪ پاران ڳوٺاڻن ۾ مفت راشن تقسيم

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) شنگهائي اليڪٽرڪ پاران رمضان ۾ مهانگائي سبب 900 خاندانن ۾ راشن ورهايو ويو آهي. ترجمان پاران جاري ڪيل بيان ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ٿر ۾ غربت ۽ مهانگائي سبب لکين ماڻهن جي زندگي متاثر ٿي رهي آهي. ان وڏي چيلينج کي منهن ڏيڻ لاءِ شنگهائي اليڪٽرڪ ٿر بلاڪ ون انٽيگريڊ پاور پراجيڪٽ پنهنجي ڪول مائننگ پلانٽ ۽ پاور پلانٽ ۽ ٿر ڪول بلاڪ ون جي آس پاس وارن ڳوٺن ۾ رهندڙن کي کاڌو فراهم ڪيو پيو وڃي. ٿر ڪول بلاڪ ون پاور جنريشن ڪمپني جي سي اِي او مسٽر مينگ ڊونگهائي چوڻ آهي ته “اسان جي ڪمپني مقامي آبادي جي مدد جاري رکندي”. ڳوٺاڻن کي فراهم ڪيل کاڌي جي پيڪيج ۾ سڀني بنيادي ضرورتن سميت چانورن، کائڻ جو تيل، کنڊ، چانهه وغيره شامل ڪيا ويا ۽ ڪمپني جي اعليٰ عملدارن پاران ڳوٺاڻن کي ڏنا ويا بيان موجب ويروائي، تلوايو، کريو غلام شاهه، شاهمير،وڪيا ڀاوي جو تڙ ۽ ڪولهي پاڙو شامل آهن. بيان ۾ چيو ويو آهي ته سيپيڪ هيٺ هلندڙ هن رٿا ۾ 18,000 کان وڌيڪ مقامي ماڻهن کي سڌي طرح روزگار ڏنو ويو آهي. ڪمپني 12 ڪروڙ ڊالر سالياني ٽيڪس به ادا ڪري پئي. ٿر ڪول بلاڪ ون پاور جنريشن ڪمپني (TCB1) ۽ سينو سنڌ ريسورسز (SSRL) پاران گڏيل طور تي ڪم ڪيو پيو وڃي ۽ ڪميونٽي سروس تي 13 لک ڊالر خرچ ڪيا پيا وڃن. هن رٿا ۾ 660 ميگا واٽ جا 2 يونٽ يعني مجموعي طور 1320 ميگا واٽ بجلي پيدا ڪئي پئي وڃي. ڪوئلي جي کاڻ مان 7.8 ملين ٽن ڪوئلو استعمال ٿئي پيو. 5 فيبروري 2023ع تي ڪمرشل آپريشنل ٿيڻ بعد هي منصوبو پاڪستان جي 40 لک گهرن جي بجلي جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي قابل آهي. هن منصوبي سبب پاڪستان کي پرڏيهه مان تيل گهرائڻ لاءِ پرڏيهي ناڻي جي بچت به ٿي رهي آهي، سستي توانائي ملي پئي ۽ علائقي ۾ سماجي ترقي به ٿئي پئي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو