شمع خاصخيلي خودڪشي ڪيس نئون رخ اختيار ڪري ورتو

شمع خاصخيلي خودڪشي ڪيس نئون رخ اختيار ڪري ورتو

بدين(ن س) چار ڏينهن اڳ مبينا زھريلو ڪارو پٿر پي خودڪشي ڪندڙ نرس شمشاد عرف شمع خاصخيلي وارو معامرو نئون رخ اختيار ڪري ويو آهي سندس مڙس مولابخش خاصخيلي تي زال شمشاد عرف شمع خاصخيلي کي قتل ڪرڻ جو ڪيس داخل سياسي پٺڀرائي سبب شمشاد شمع جي پوسٽ مارٽم رپورٽ بدلائي ويئي ۽ جوابدار کي گرفتار نٿو ڪيو وڃي وارثن جي پريس ڪانفرنس پيرائتي خبر موجب ته چار ڏينهن اڳ بدين شھر جي ڪينٽ روڊ جي رھائشي بدين جي نجي اسپتال جي نرس شمشاد عرف شمع خاصخيلي مبينا زھريلو ڪارو پتر پي پنهنجو انت آڻڻ وارو معامرو نئون رخ اختيار ڪري ويو آهي مقتول جي ڀاء جاويد خاصخيلي جي فرياد تي بدين ٿاڻي تي مقتولا جي مڙس مولابخش خاصخيلي تي سندس زال شمشاد عرف شمع خاصخيلي کي قتل ڪرڻ جو ڪيس پڻ داخل ڪيو ويو آهي ٻئي طرف مقتولا جي والد ڌڻي بخش والدا ساران ڀاء جاويد خاصخيلي گذريل راتبدين پريس ڪلب ۾ ھنگامي پريس ڪانفرنس ڪندي مقتولا جي ڀاء جاويد صحافين کي ٻڌايو ته 24 اپريل تي مولابخش مون کي فون ڪري اھو چئي پنهنجي گھر گھرايو ته آئون اچي پنهنجي ڀيڻ کي سمجھا يان ۽ آئون جڏهن مولابخش جي گھر پھتس ته منهنجي ڀيڻ شمشاد عرف شمع جي حالت خراب ھئي ۽ ان مون کي ٻڌايو ته مولابخش مون تي تشدد ڪيو آهي ۽ مون کي زھر ڏنو اٿس آئون ھڪدم پنهنجي ڀيڻ کي انڊس اسپتال کڻائي ويس جتي ڊاڪٽرن ھن جو چيڪ اپ ڪرڻ کانپوء ھن کي حيدرآباد رفر ڪيو ۽ آئون ڀيڻ کي انڊس اسپتال جي ايمبولينس ۾ حيدرآباد کڻائي پي ويس پر ھن انڊس اسپتال کان سڏ پنڌ تي ئي ايمبولينس ۾ دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو مون ڀيڻ جو لاش واپس انڊس اسپتال آندو ۽ بدين پوليس کي اطلاع ڪيو جيڪا به اسپتال پھتي جتي پوسٽ مارٽم کانپوء لاش منهنجي حوالي ٿيو ۽ اسان ان جي تدفين ڪئي ھن ٻڌايو ته شمشاد عرف شمع کي اسپتال کڻي وڃڻ کان ان کي دفنائڻ ۽ ان کانپوء اڄ تائين ان جو مڙس مولابخش غائب آهي ۽ منهنجي ڀيڻ جي پٽ اسان کي ٻڌايو ته سندن والد سندن والدا کي مارڪٽ ڪري گھٽا ڏنا ۽ پينگھي جي پاين سان ان جي مٿي کي ٽڪرايو جنهن تي اسان کي به شڪ ٿيو پر منهنجي ڀيڻ کي غسل ڏيندڙ عورتن جڏهن اسان کي ٻڌايو ته مقتولا جي جسم تي تشدد جا نشان ۽ ڳلي تي پڻ گھٽو ڏيڻ جو نشان ھو جنهن تي اسان جو شڪ پڪ ۾ تبديل ٿي ويو ته منهنجي ڀيڻ خود ڪشي نه پر ھن کي قتل ڪيو ويو آهي جنهن کانپوء مون بدين ٿاڻي تي پنهنجي ڀيڻويي مولابخش خاصخيلي تي منهنجي ڀيڻ کي قتل ڪرڻ جو ڪيس داخل ڪرايو آهي جنهن کي چوويھ ڪلاڪن کان مٿي وقت گذري ويو آهي مقتولا جي وارثن الزام ھنيو آهي ته سنڌ حڪومت ۾ شامل صلاحڪارن ۽ پ پ پ جي بااثر ماڻهن جي پٺڀرائي سبب بدين پوليس جوابدار کي گرفتار ڪرڻ لاء تيار نه آهي ۽ ڊاڪٽرن پوسٽ مارٽم رپورٽ مان منهنجي ڀيڻ جي جسم تي ۽ ڳلي ۾ تشدد ۽ گھٽو ڏيڻ جا نشان غائب ڪري ڇڏيا آهن ھنن سنڌ ھائي ڪورٽ جي چيف جسٽس ۽ سيشن جج بدين کي اپيل ڪئي آهي ته ھو ھن معامري جو نوٽيس وٺن ۽ منهنجي جي ڀيڻ جي قتل جي عدالتي جاچ ڪرائي وڃي ھنن چيو ته اسان اھڙي پٽيشن سيشن جج بدين جي عدالت ۾ پڻ داخل ڪنداسين ۽ 24 ڪلاڪن ۾ جوابدار کي گرفتار نه ڪيو ويو ته اسان برادري ۽ انساني حقن جي تنظيمن ۽ ساڃاھ وند ماڻهن کي ڀرپور احتجاج ڪرڻ جو سڏ ڏينداسين ٻئي طرف مولابش خاصخيلي سان رابطو ڪرڻ تي مسلسل ھن جو موبائل نمبر بند ملي رھيو آهي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو