شلپا شيٽي جو روهت تي بوتل سان حملو، چري آهين ڇا؟

شلپا شيٽي جو روهت تي بوتل سان حملو، چري آهين ڇا؟

ممبئي(ويب ڊيسڪ)بالي ووڊ اداڪارا شلپا شيٽي ريئلٽي شو ”انڊيا گاٽ ٽيلنٽ“ دوران مشهور هدايتڪار روهت شيٽي کي شيشي جي بوتل وهائي ڪڍي. شلپا شيٽي هن واقعي جي هڪ وڊيو به انسٽاگرام تي شيئر ڪئي، وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته روهت گلوڪار بادشاه سان ڳالهه ٻولهه ڪري رهيو آهي. ٻئي طرف شلپا بيٺي آهي ۽ روهت کي فون ڪري رهي آهي پر روهت اداڪاره جي ڳالهه نه ٻڌي رهيو آهي، جنهن کانپوءِ شلپا ڪاوڙ ۾ اچي ڊائريڪٽر جي هٿ تي شيشي جي بوتل ڀڃي ڇڏي ۽ چيو ته مونکي فلم ڏيو. روهت حيران ٿي ويو جڏهن اوچتو بوتل سندس هٿ تي ڀڳي ۽ هن شلپا کان پڇيو، ”ڇا تون چري آهين؟“ جواب ۾ اداڪارا به چيو ته ”ها مان چري آهيان.بظاهر اهو هڪ مذاق هو ۽ روهت کي مارڻ واري بوتل فلمن ۾ اسٽنٽ دوران استعمال ٿيندڙ بوتل وانگر لڳي ٿي. تنهن ڪري، ڊائريڪٽر روهت شيٽي محفوظ رهيو.

پهنجو تبصرو موڪليو