شعيب اختر کٽڻ باوجود پاڪستاني ٽيم ۾ غلطي ڳولي ورتي

شعيب اختر کٽڻ باوجود پاڪستاني ٽيم ۾ غلطي ڳولي ورتي

اسلام آباد(بيورو)پاڪستان جي اڳوڻي فاسٽ بالر شعيب اختر کي انگلينڊ خلاف پاڪستاني ٽيم جي فتح باوجود ٽيم ۾ هڪ خامي نظر آئي.سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي شعيب اختر پاڪستاني ٽيم جي ڪارڪردگي جي واکاڻ ڪندي لکيو ته ٽيم ٽارگيٽ جو چڱي طرح دفاع ڪيو، ڊيبيو ڪندڙ عامر جمال آخري اوور ۾ سٺي بالنگ ڪئي. پاڪستاني ٽيم سٺي نموني هلي رهي آهي. اڳوڻي فاسٽ بالر ساراهه سان گڏ ٽيم جي خامين جي به نشاندهي ڪئي.هن لکيو ته پاڪستاني ٽيم جي مڊل آرڊر کي ڏسڻ جي ضرورت آهي، جنهن جي ڪارڪردگي مسلسل پريشان ڪندڙ آهي.ڪالهه کيڏيل ميچ ۾ پاڪستان جا مڊل آرڊر بيٽسمين سٺي ڪارڪردگي نه ڏيکاري سگهيا.واضح رهي ته انگلينڊ کي پنجين ميچ ۾ شڪست ڏئي پاڪستان 7 ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز ۾ ٽن ٻن جي سرسي حاصل ڪري ورتي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو