شرڌاجي سالگره تي والد کان سگريٽ ڇڏڻ جي فرمائش

شرڌاجي سالگره تي والد کان سگريٽ ڇڏڻ جي فرمائش

ممبئي(ويب ڊيسڪ)بالي ووڊ اداڪارا شرڌا ڪپور هن سال پنهنجي 34هين سالگرهه خاندان سان گڏ مالديپ ۾ ملهائي.ڀارتي ميڊيا موجب شرڌا ڪپور اڄڪلهه مالديپ ۾ ڪٽنب سان گڏ ڪزن جي شادي جي تقريبن کي انجواءِ ڪري رهي آهي، ان کان اڳ ڀارتي ميڊيا کي ڏنل انٽرويو ۾ شرڌا ڪپور جو چوڻ هو ته کيس شڪتي ڪپور جي ڌيءَ هجڻ تي فخر آهي ۽ ٻئي ڀيري به ان جي ڌيءَ ٿيڻ پسند ڪنديس.شرڌا ٻڌايو ته هن والد کان سالگرهه جي موقعي تي سگريٽ نوشي ڇڏڻ جي خواهش ظاهر ڪئي.ياد رهي ته شرڌا ڪپور شڪتي ڪپور کان سگريٽ نوشي ڇڏڻ جي خواهش جو اظهار ان جي بگ باس ۾ بطور ڪنٽيسٽنٽ شرڪت دوران ڪيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو