ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي اطلاعات واري وزير شرجيل انعام ميمڻ سان فارين ميڊيا جرنلسٽس ايسوسي ايشن جي صدر اشرف خان جي صدارت ۾ اڄ ڪراچي ۾ ملاقات ڪئي، ان موقعي تي سنڌ ۾ خدمتون سرانجام ڏيندڙ پرڏيهي اخبارن، نيوز ايجنسين ۽ نشريات ادارن جي نمائندن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ پرڏيهي نشرياتي ادارن جي نمائندن سان ڳالهائيندي اطلاعات واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنڌ حڪومت تازين ٻوڏن سبب تباهه ٿيل 22 لک گهرن جي نئين سر تعمير واري منصوبي تي ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته صوبي ۾ سستي، آرامده ۽ معياري ٽرانسپورٽ سروس شروع ڪئي وئي آهي، عورتن لاءِ محفوظ ۽ مثالي پنڪ بس سروس شروع ڪئي وئي آهي، معياري ۽ مثالي پبلڪ ٽرانسپورٽ جو ڪرايو موٽرسائيڪل جي سفر کان به سستو آهي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنڌ حڪومت صوبي جي عوام کي هر شعبي ۾ بهتر خدمتون سرانجام ڏئي رهي آهي، سنڌ حڪومت صحت، توانائي، تعليم، زراعت، انفراسٽرڪچر ۽ ٻين شعبن ۾ اهم ڪم ڪيا آهن، هن چيو ته سنڌ ۾ صحت جي شعبي ۾ ايس آءِ يو ٽي، گمبٽ انسٽيٽيوٽ. NICVD، سائبر نائف انسٽيٽيوٽ (JPMC) ۽ ٻيا صحت جا جا ادارا قابل فخر جي خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آهن. هن چيو ته سنڌ حڪومت صوبي جي عورتن کي بااختيار بڻائڻ لاءِ مثالي قانون سازي ڪئي آهي، اطلاعات واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ وڌيڪ چيو ته عورتن ۽ ٻارن جي حقن جي تحفظ لاءِ ضروري قدم کنيا پيا وڃن، توانائي جي شعبي ۾ ٿر ڪول پاور پراجيڪٽ سنڌ حڪومت جو انتهائي قابل فخر منصوبو آهي. سنڌ حڪومت خود انحصاري جي منصوبن تي ڪم ڪري رهي ته جيئن قيمتي پرڏيهي مٽا سٽا سان بچت ٿي سگهي. اطلاعات واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ ان موقعي تي موجود آفيسرن کي هدايت ڪئي ته صحافين جا پروفيشنل فرض پورا ڪرڻ ۾ آسانيون پيدا ڪرڻ لاءِ ڀرپور سهڪار ڪيو وڃي، ان موقعي تي سيڪريٽري اطلاعات سنڌ نديم رحمان ميمڻ، ڊائريڪٽر( ايڊمن) انفارميشن يوسف ڪابورو، ڊائريڪٽر پريس انفارميشن حسن اصغر نقوي، ڊائريڪٽر ايڊورٽائزمينٽ امتياز جويو، ڊائريڪٽر پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ فدا حسين بالادي، ڊپٽي ڊائريڪٽر سارنگ لطيف چانڊيو ۽ ٻيا آفيسر پڻ موجود هئا.










