ڪوهيڙي سبب گاڏيون ٽڪرائجي ويون، 3 ڄڻا فوت

ڪوهيڙي سبب گاڏيون ٽڪرائجي ويون، 3 ڄڻا فوت

نوابشاهه (ن سنڌ يار) نوابشاهه ۾ قومي شاهراهه تي شديد ڪوهيڙي سبب ڪيتريون ئي گاڏيون پاڻ ۾ ٽڪرائجي ويون جنهن سبب 2 ڄڻا فوت ٿي ويا جڏهن ته 20 کان مٿي زخمي ٿيا آهن موٽر وي پوليس موجب حادثو قومي شاهراهه تي دولتپور باءِ پاس تي پيش آيو جتي سخت ڪوهيڙي سبب ڪيتريون ئي گاڏيون پاڻ ۾ ٽڪرائجي ويون. موٽر وي پوليس جي ترجمان موجب حادثي ۾ 3 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن جنهن جي سڃاڻپ پشاور واسي غفار خان ۽ ڪراچي واسي فاروق احمد جي نالي سان ٿي آهي. جڏهن ته 20 کان وڌيڪ زخمي آهن جن  ۾ هدايت الله، تعمور، عاطف، آيت الله، خليل احمد، جهانزيب ۽ ٻيا شامل آهن.زخمي مسافرن کي طبي امداد لاءِ قاضي احمد ۽ نوابشاهه جي اسپتالن ۾ داخل ڪيو ويو آهي جڏهن ته موٽر وي پوليس پاران امدادي ڪارروايون جاري آهن ۽ ايمرجنسي ۾ داڪٽرن کي پڻ طلب ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو