ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير مشهور اداڪارا شبيران چنا جو علاج سرڪاري خرچ تي ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. جاري ڪيل بيان ۾ ٻڌايو ويو آهي ته وڏي وزير چيو ته شبيران چنا بهترين اداڪارا آهي ۽ سندس علاج تي جيڪو به خرچ آيو سنڌ حڪومت ادا ڪندي. وڏي وزير کيس مڪمل سهولتون فراهم ڪرڻ جي به هدايت ڪئي آهي. ياد رهي ته عيدالفطر دوران ڪنهن فنڪشن ۾ ويندي قاضي احمد لڳ سندن گاڏي سان حادثو پيش آيو هو جنهن ۾ هوءَ سخت زخمي ٿي پئي هئي سندس ڌيئر پڻ زخمي ٿيون هيون. ابتدائي علاج بعد کيس نوابشاهه موڪليو ويو هو جتان کيس ڪراچي منتقل ڪيو ويو هو.










