ايمنيسٽي بعد فواد پاران به شاگردن تان ڪيس ختم ڪرڻ جو مطالبو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) انساني حقن جي عالمي تنظيم ايمنيسٽي انٽرنيشنل کانپوءِ سائنس ۽ ٽيڪنالوجي جي وفاقي وزير به پنجاب حڪومت کان شاگرد اظهار يڪجهتي مارچ جي آرگنائيزرز تان ڪيس ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. اسلام آباد ۾ هڪ تقريب کي خطاب دوران هن چيو ته دنيا جي اڪثر تعليمي ادارن ۾ شاگرد يونين آهن ۽ پاڪستان ۾ به ان تي پابندي نٿي مڙهي سگهجي پر انهن کي هٿيارن کان پاڪ ڪرڻو پوندو. هن چيو ته پنجاب حڪومت کي شاگردن خلاف داخل ڪيل ڪيس واپس وٺڻ گهرجي. پاڪستان حڪومت تي زور ڀريو آهي ته هو شاگرد يونين جي بحالي لاءِ پر امن احتجاج ڪندڙن تي ڪريڪ ڊائون بند ڪري. تنظيم جي ترجمان جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته تعليمي ادارن ۾ يونين بحال ڪيون وڃن. ايمنيسٽي انٽر نيشنل جو بيان ان وقت سامهون آيو آهي جڏهن حڪومت شاگرد يونين جي بحالي لاءِ احتجاج ڪندڙن تي بغاوت جو ڪيس داخل ڪيو آهي.

شاگرد يونين بحال ڪريو، سيڪورٽي فورسز کي ڪيمپس مان هٽايو

آچر تي شام جو جاري ڪيل بيان ۾ ايمنيسٽي گرفتار ڪيل شاگرد اڳواڻ عالمگير خان جيڪو گرفتار آهي تنهن کي آزاد ڪرڻ ۽ لاهور ۾ شاگردن تي داخل بغاوت جو ڪيس ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو هو. جيتوڻيڪ وزيراعظم عمران خان شاگرد يونين جي بحالي جو اشارو ڏيندي چيو آهي ته مستقبل جي سياسي قيادت شاگرد يونين مان تيار ٿيندي آهي. هن ان باري ۾ ضابطه اخلاق تيار ڪرڻ جي به هدايت ڪئي آهي.

سائنس ۽ ٽيڪنالوجي جي وزير فواد چوڌري به شاگرد يونين جي بحالي جي حمايت ڪئي هئي ۽ چيو هو ته ان کان اڳ تشدد روڪڻ لاءِ ضابطه اخلاق جوڙيو وڃي جيئن شاگرد تنظيمون سياسي جماعتن جا هٿيار بند جٿا نه بڻجي سگهن.

https://twitter.com/FawadPTIUpdates/status/1201199150181822465

ياد رهي ته جمعي ۽ ڇنڇر تي مختلف تعليمي ادارن جي شاگردن ملڪ جي اڪثر شهرن ۾ جلوس ڪڍي شاگرد يونين جي بحالي، سيڪورٽي فورسز کي ڪيمپسز مان هٽائڻ ۽ اعليٰ تعليم لاءِ هائر ايجوڪيشن ڪميشن جي بجٽ ۾ وڏي پيماني تي ڪٽوتي واپس وٺڻ جا مطالبا ڪيا هئا. جنهن بعد لاهور ڪيمپس مان مظاهرن جو اهتمام ڪندڙ عالمگير خان کنڀجي ويو هو ۽ 300 کان مٿي شاگردن تي بغاوت جو ڪيس داخل ڪيو ويو هو.

پاڪستان ۾ شاگرد يونين تي پابندي ضياءَ الحق هنئي هئي. جنهن بعد محترمه بينظير ڀٽو جي دور ۾ پابندي ختم ڪئي وئي هئي پر اسٽيبلشمينٽ ان جي مخالفت ڪندي ان فيصلي تي عمل ڪرڻ نه ڏنو هو. شايد اهو ئي سبب هو ته احتجاج ڪندڙن اهو مطالبو ڪيو هو ته ملڪي سياي قيادت شاگرد يونين مان تيار ٿيڻ گهرجي نه ڪي آبپاره مان مڙهڻ گهرجي. بلاول ڀٽو زرداري به شاگرن جي حمايت جو اعلان ڪندي مٿن ڪيس ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو هو ۽ حڪومت تي تنقيد ڪئي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو