شاگرد  اغوا  الزام هيٺ ڪسٽم انسپيڪٽر سميت 3 ڄڻا گرفتار

شاگرد اغوا الزام هيٺ ڪسٽم انسپيڪٽر سميت 3 ڄڻا گرفتار

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ شاگرد کي اغوا ڪرڻ جي الزام هيٺ ڪسٽم انسپيڪٽر سميت 3 ڄڻا گرفتار ٿي ويا،ڪراچي پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن گڏيل ڪارروائي ڪئي، ڀُنگ لاءِ اغوا ڪندڙ گروهه کي پڪڙڻ جي دعويٰ ڪئي وئي،ايس ايس پي اي وي سي سي موجب شاگرد جي اغوا ۾ ملوث ڪسٽم جي سينيئر انسپيڪٽر سميت 3 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو،ايس ايس پي ظفر صديق ڇانگا جو چوڻ آهي ته گرفتار ٿيلن ۾ ڪسٽم جو سينيئر انسپيڪٽر عبدالفتاح پٽ عبدالغني ۽ ٻيا جوابدار شامل آهن،ايس ايس پي موجب شاگرد وجاهت کي اغوا ڪري ڪرپٽو ڪرنسي جي صورت ۾ 50 هزار ڊالر ڀُنگ گهريو ويو هو، جوابدار مغوي تي تشدد ڪندا هئا، ڪيس داخل ٿيڻ بعد پوليس کيس ڇڏي ڏنو ۽ روپوش ٿي ويا،پريس ڪانفرنس دوران هن چيو ته پوليس سي پي ايل سي ۽ حساس اداري سان گڏجي ڪارروائي ڪري ٽن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي،ايس ايس پي موجب جوابدارن ۾ خضدار ۾ ڊيوٽي ڪندڙ ڪسٽم انسپيڪٽر عبدالفتاح، شوڪت ۽ زبير شامل آهن، گرفتار جوابدار زبير سکر جو رهواسي آهي، ڪراچي ۾ امتحانن جي تياري ڪري هو،ايس ايس پي موجب جوابدارن جي قبضي مان ڪسٽم يونيفارم، واردات ۾ استعمال ٿيل ڪار، پرس، ڪارڊ، پستول هٿ ڪيا ويا، هي گينگ 6 جوابدارن تي مشتمل آهي، گينگ جو سربراهه ڪسٽم انسپيڪٽر آهي

پهنجو تبصرو موڪليو