سڪرنڊ (راج ڪماراوڏ) شھيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي نوابشاھ جي شاگردن ۽ شاگردياڻين جي پر امن مطالبن جي مڃتا لاءِ ڪيل مظاھري تي پوليس ۽ انتظاميا طرفان شاگردن ۽ شاگردياڻين تي سخت تشدد خلاف شھيد بينظير ڀٽو وٽرنري يونيورسٽي سڪرنڊ جي شاگردن جو حميد شر، علي رضا چنو، ڪامريڊ محب رند، جساف (جسم ) رياض چانڊيو جي ارباب چانڊيو، ارشد جمالي، عمران عمراڻي، مسرور ڏھيو جي اڳواڻيءَ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.ان موقعي تي اڳواڻن ڳالھائيندي چيو ته اھو ڪٿان جو انصاف آھي جو اسلامي ملڪ ۾ يونيورسٽي جي شاگردن لاءِ مسجد شريف، صاف پاڻي، ڪينٽين ۽ ھاسٽل جو مطالبو ڪندڙن تي تشدد ڪيو وڃي. ھنن مطالبو ڪيو ته رجسٽرار ۽ پوليس انتظاميا خلاف ڪارروائي ڪري انھن خلاف قدم کنيو وڃي.










