شاهين، نسيم ۽ حارث کي فارغ ڪيو وڃي، محمد حفيظ

شاهين، نسيم ۽ حارث کي فارغ ڪيو وڃي، محمد حفيظ

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پاڪستان جي اڳوڻي ڪپتان محمد حفيظ قومي ٽيم جي ٽن فاسٽ بالرن شاهين آفريدي، نسيم شاهه ۽ حارث رئوف کي آچر تي دبئي ۾ روايتي حریف ڀارت خلاف خراب ڪارڪردگيءَ تي تنقيد جو نشانو بڻايو آهي. پي ٽي وي اسپورٽس جي پروگرام ۾ تبصرو ڪندي محمد حفيظ چيو ته شاهين آفريدي، نسيم شاهه ۽ حارث رئوف 2023 جي ايشيا ڪپ، ون ڊي ورلڊ ڪپ، ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۽ هاڻ چيمپئنز ٽرافي ۾ سٺي ڪارڪردگي نه ڏيکاري سگهيا آهن. هن چيو ته هاڻي وقت اچي ويو آهي ته ان ڳالهه کي تسليم ڪيو وڃي ته ٽيلينٽ جي باوجود انهن ٽنهي رانديگرن پاڪستان کي وڏو ٽورنامينٽ نه کٽرايو آهي، هاڻي وقت اچي ويو آهي ته اڳتي وڌو ۽ ٻين بالرز جهڙوڪ محمد علي، خرم شهزاد، محمد وسيم جونيئر، عاڪف جاويد ۽ مير حمزه کي موقعو ڏنو وڃي. حفيظ چيو ته اهي رانديگر پنهنجن موقعن جو انتظار ڪري رهيا آهن، اهي به پاڪستاني آهن ۽ هڪ موقعي جا حقدار آهن، انهن وٽ به پاڪستاني پاسپورٽ آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو