شاهه محمود قريشي پاران سنڌ ۾ گورنر راڄ جي مخالفت

شاهه محمود قريشي پاران سنڌ ۾ گورنر راڄ جي مخالفت

ملتان (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي سنڌ ۾ گورنر راڄ لاڳو ڪرڻ جي رٿ جي مخالفت ڪري ڇڏي، ملتان ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شاهه محمود قريشي چيو ته سنڌ هائوس ۾ جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي ته اهو ميثاق جمهوريت جي ابتڙ آهي، پارليامينٽ جي محافظن کي نقصان پهتو ته چيو ويندو گهر کي گهر جي چلهه مان باهه لڳي وئي. هن چيو ته سنڌ ۾ گورنر راڄ جي تجويز جي حق ۾ نه آهيان، اڄ وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ سياسي ڪميٽي جي اجلاس ٿي رهيو آهي جنهن ۾ ماضي جي تجربن جي روشني ۾ پنهنجو موقف پيش ڪيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته انهن حالتن ۾ غيريقيني صورتحال پيدا ڪرڻ جمهوريت ۽ معيشت جي مفاد ۾ نه آهي، اقتدار لاءِ غير يقيني صورتحال پيدا ڪرڻ وارن کي پنهنجي فيصلي تي نظرثاني ڪرڻ گهرجي، هر ميمبر باوقار ماڻهن جو چونڊيل آهي، اهو ضمير موجب پنهنجي فيصلي ڪرڻ جو پابند آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو