ڪراچي(رپورٽ باغي ساگر پنهوار) ڪورنگي ضلعي ۾ گهر گهر مان ڪچرو کڻندڙ چيني ڪمپني گانسو پاران ڪورنگي زون کانپوءِ شاهه فيصل زون ۾ به آپريشن جو افتتاح ڪيو ويو. پروگرام جو افتتاح صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه ڪيو. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر ضلع ڪورنگي سليم الله اوڍو، ايڊمنسٽريٽر جاويد احمد ڪلوڙ، سنڌ سالڊ ويسٽ مينيجمينٽ جي مينيجنگ ڊائريڪٽر زبير احمد چنا، ڊپٽي ڊائريڪٽر راشد رئوف، اي ڊي انڊسٽريز ضلع ڪورنگي انعام علي ڪلوڙ، اسسٽنٽ ڊائريڪٽر ايف اِ سي ڪورنگي زون منظور حسين شيخ، گانسو ڪمپني جي نمائندن ايڊمن مئنيجر الطاف پنهور، جي ايم عبدالستار، اي جي ايم سيد معصوم شاهه شيرازي، لانڍي زون جو انچارج سليم گهمرو ميڊيا مئنيجر شفقت حسين منگلو سميت سياسي سماجي اڳواڻن ۽ شهرين ڀرپور شرڪت ڪئي. ان موقعي تي گانسو انتظاميا پاران صوبائي وزير ناصر حسين شاهه ۽ ايڊمنسٽريٽر گلن جو تحفا ڏنا ويا. ان موقعي تي صوبائي وزير ناصر حسين شاهه خطاب ڪندي چيو ته صاف سٿر و ۽ صحتمند ڪراچي بلاول ڀٽو زردار جو عزم آهي. ڪورنگي زون کانپوءِ شاهه فيصل زون ۾ گهر گهر مان ڪچرو کڻڻ واري پراجيڪٽ جو افتتاح ڪيو ويو آهي ان کانپوءِ تمام جلد لانڍي ۽ ماڊل ڪالوني زون جو افتتاح ڪيو ويندو. هن چيو ته ڪراچي ۾ امن امان جي صورتحال بهتر ڪئي پئي وڃي. صحافي اطهر متين جي شهادت ۽ ڪورنگي ڪازوي وارو واقعو افسوسناڪ آهي جوابدار جلد گرفتار ڪيا ويندا. هن چيو ته سڄي سنڌ کي صاف سٿرو ۽ پرامن بڻائڻ بلاول ڀٽو زرداري جو ويزن آهي ان تي ڪم هلي رهيو آهي. چائنيز ڪمپني گانسو ڪنسٽرڪشن هيوي انڊسٽري ٽيڪنالوجي پاڪستان کي صفائي جو ٺيڪو ڏنو آهي جيڪا بهتر طريقي سان ڪم ڪري رهي آهي. صوبائي وزير وڌيڪ چيو ته صاف سٿرو ۽ صحتمند ڪراچي سنڌ حڪومت جو عزم آهي. ڪورنگي زون ۾ گانسو جي ورڪرن تي تشدد جا واقعا پيش اچن ٿا، ڪجهه شرپسند نٿا چاهين ته ڪورنگي ضلعو صاف سٿرو نظر اچي. هن چيو ته گانسو جي ورڪرن تي تشدد واري معاملي تي آئي جي سان ڳالهايو آهي. هاڻي جنهن ٿاڻي جي حد ۾ گانسو جي ورڪرن تي حملو ٿيو اتان جو ايس ايڇ او نه رهندو. صوبائي وزير چيو ته ڪورنگي ضلعي جي عوام جي ڪچري جي آزار مان جان آجي ڪرائينداسين










