شاهه سان ڄام ۽ ڪُنڊي جي ملاقات، ملڪي صورتحال تي ڳالهيون

شاهه سان ڄام ۽ ڪُنڊي جي ملاقات، ملڪي صورتحال تي ڳالهيون

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال ۽ ڪي پي جي گورنر فيصل ڪنڊي ملاقات ڪئي. ٽنهي اڳواڻن ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.ٽنهي اڳواڻن ملڪ جي معاشي، سماجي ۽ سياسي معاملن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته معاشي اشارا ملڪي معيشت جي مضبوطيءَ جي نشاندهي ڪري رهيا آهن. واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال جو چوڻ هو ته کين شيون ٻاهر موڪلڻ جو سلسلو وڌائڻو پوندو ته جيئن معيشت ترقي ڪري سگهي. وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته ٻاهر موڪليندڙ شئين جي پيداوار تي خاص ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. وڏي وزير مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته ملڪ ۾ تعليم، صحت، انفراسٽرڪچر تي سيڙپڪاري ڪرڻ سان ئي ملڪ ترقي ڪندو. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته ٻوڏ متاثرن جي بحالي لاءِ گهرن جي تعمير ۽ زراعت تي ڌيان ڏنو پيو وڃي. ڪي پي جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته ملڪ جي ترقي لاءِ سمورا اختلاف وساري متحد ٿيڻ جي ضرورت آهي. گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي جو چوڻ هو ته اتفاق ۽ استحڪام ئي ملڪن جي ترقي جو ضامن آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو