ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه نئين ترڪي قونصل جنرل ارگل ڪدڪ سان ملاقات ڪئي، سنڌ جي وڏي وزير سنڌ ۾ نئين ترڪي قونصل جنرل جو استقبال ڪيو،ترجمان موجب وڏي وزير چيو ته ترڪي ۽ پاڪستان جا تمام مضبوط لاڳاپا آهن، مراد علي شاهه ارگل ڪدڪ کي يقين ڏياريو ته سنڌ حڪومت توهان کي مڪمل سهڪار فراهم ڪندي رهندي، پاڪستان ۽ ترڪي جي وچ ۾ واپار وڌڻ گهرجي، جنهن لاءِ ٻئي ملڪ ڪم ڪري رهيا آهن، سنڌ ۾ مختلف ميگا پروجيڪٽ، روڊ، توانائي ۽ پاڻي جا منصوبا جاري آهن، ترڪ سيڙپڪارن کي سنڌ ۾ اچي سيڙپڪاري ڪرڻ گهرجي، قونصل جنرل ارگل ڪدڪ چيو ته ترڪ سيڙپڪار سنڌ ۾ سيڙپڪاري ۾ دلچسپي رکن ٿا، سنڌ سيڙپڪاري کاتي جو سربراهه ترڪي قونصل جنرل سان ملاقات ڪندو، ملاقات ۾ معاهدو ٿيو، سنڌ جي وڏي وزير ۽ ترڪ قونصل جنرل مختلف سيڙپڪاري منصوبن تي بحث ڪيو، سنڌ جي وڏي وزير چيو ته ڪراچي ۾ پبلڪ ٽرانسپورٽ ترڪ سيڙپڪار منصوبن ۾ سيڙپڪاري ڪري سگهن ٿا، ڪراچي 21 ملين کان وڌيڪ آبادي وارو شهر آهي، سنڌ حڪومت ٽرانسپورٽ تي ڪم ڪري رهي آهي، ترڪي جو قونصل جنرل چيو ته ڪراچي هڪ بهترين شهر آهي، هتي جا ماڻهو ان کي تمام گهڻو پسند ڪن ٿا










