ممبئي (ويب ڊيسڪ)بالي ووڊ سپر اسٽار شاهه رخ خان سوئٽزرلينڊ روانو ٿي ويو.ڀارتي ميڊيا موجب شاهه رخ خان ممبئي ايئرپورٽ کان سوئٽزرلينڊ روانو ٿي ويو جتي هو انٽرنيشنل لوڪارنو فلم فيسٽيول ۾ شرڪت ڪندو.شاهه رخ خان کي انٽرنيشنل لوڪارنو فلم فيسٽيول ۾ خاص ايوارڊ سان پڻ نوازيو ويندو.ڀارتي ميڊيا رپورٽ موجب شاهه رخ خان کي فلم انڊسٽري لاءِ سندس فني خدمتن جي عيوض ’پردو ايلا ڪوريرا‘ ايوارڊ ڏنو ويندو.فيسٽيول جي آرٽسٽڪ ڊائريڪٽر گيونا اي نظرو جو چوڻ هو ته شاهه رخ خان اهڙو بادشاهه آهي جنهن ڪڏهن به ناظرين کي مايوس نه ڪيو جنهن کيس مداحن سان ڀيٽيو.










