شاهزيب جو قتل ذاتي رنجش قرار، سپريم ڪورٽ تفصيلي فيصلو جاري ڪري ڇڏيو

شاهزيب جو قتل ذاتي رنجش قرار، سپريم ڪورٽ تفصيلي فيصلو جاري ڪري ڇڏيو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ شاهزيب قتل ڪيس ۾ جوابدارن جي بريت جو تفصيلي فيصلو جاري ڪري ڇڏيو آهي.سپريم ڪورٽ شاهزيب قتل ڪيس ۾ جوابدارن کي بري ڪرڻ جو 17 صفحن تي ٻڌل فيصلو جاري ڪري ڇڏيو، جسٽس مظاهر نقوي لکيو.سپريم ڪورٽ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جوابدارن جي سزا برقرار رکڻ واري فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏيندي چيو آهي ته ڌرين ۾ صلح ٿي وئي آهي، جيڪڏهن جوابدار نه ٿا گهرن ته کين فوري طور آزاد ڪيو وڃي.فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته شاهزيب قتل ڪيس انتهائي افسوسناڪ واقعو هو، جيڪو انا پرستي جي نتيجي ۾ ٿيو.فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته مصالحت کانپوءِ سزا ختم ڪرڻ بابت عدالتي فيصلا موجود آهن، شاهزيب قتل ڪيس ۾ دهشتگردي جو عنصر ناهي، قتل ڪيس ذاتي دشمني جو نتيجو هو، ان ڪري دهشتگرديءَ جون شقون نٿيون ٿي سگهن. ذاتي دشمني ۽ تڪرار ۾ لاڳو ڪيو وڃي.فيصلي ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته واضح هجڻ گهرجي ته عدالت فيصلا آئين موجب ڪندي آهي جذبات ۾ نه ٿي ڪري، شاهه رخ جتوئي سميت جوابدارن کي بري ڪرڻ جو مقصد بيگناهه کي قانون تحت موت جي سزا کان بچائڻ هو.عدالتي فيصلي موجب جوابدارن جي دهشتگردي ٽوڙ ايڪٽ جي سيڪشن 7 تحت سزا ختم ڪئي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو