شاهراهه فيصل جي حالت خراب،علي انصاري جي انتظاميه تي ڪاوڙ

شاهراهه فيصل جي حالت خراب،علي انصاري جي انتظاميه تي ڪاوڙ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي ۾ برسات کانپوءِ شارع فيصل جي خراب حالت ڏسي اداڪار علي انصاري حيران ٿي ويو.ڪراچي ۾ 5 جولاءِ کان شروع ٿيندڙ مون سون برساتن جو سلسلو اڃا تائين جاري آهي، جڏهن ته موسميات کاتي اڄ به ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ برسات جي اڳڪٿي ڪئي آهي.ان حوالي سان علي انصاري سوشل ميڊيا پيج انسٽاگرام اسٽوري تي هڪ وڊيو شيئر ڪئي جنهن ۾ لال ڪوٺي شارع فيصل جو منظر ۽ روڊ پاڻي ۾ ٻڏي ويو.اداڪار لکيو ته ”ڇا شهر جي انفراسٽرڪچر ۾ ڪڏهن بهتري ايندي؟ علي انصاري پنهنجي پوسٽ ۾ ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته ”هر سال اسان کي ساڳين مسئلن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو، مان مايوس آهيان پر حيران ناهيان“.

پهنجو تبصرو موڪليو