ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي احتساب عدالت ۾ ايم ڪيو ايم پاڪستان جي سربراهه مصطفيٰ ڪمال ۽ اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي وچ ۾ ملاقات ٿي، جنهن دوران ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ دلچسپ جملن جي ڏي وٺ ٿي.ان موقعي تي مصطفيٰ ڪمال شاهد خاقان عباسي سان ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ چيو ته اوهان کي ڏسي ٿوري اميد آهي.شاهد خاقان عباسي سوال ڪيو ته اوهان تي ڪهڙو ڪيس آهي؟ مصطفيٰ ڪمال چيو ته منهنجي خلاف اهڙو ڪيس آهي ڄڻ ڪنهن کي قتل ڪيو ويو هجي ۽ هو سامهون ڦري رهيو آهي.اڳوڻي وزيراعظم چيو ته سمورا ڪيس اهڙا آهن، حيران ٿي ويو آهيان، اڄ اڳوڻي آءِ جي سنڌ ۽ چيف سيڪريٽري سان ملاقات ڪئي، جيڪي پڌرا ڪرپٽ آهن اهي هتي نظر نه ٿا اچن، جن ماڻهن ڪم ڪيو اهي گهمي ڦري رهيا آهن.مصطفيٰ ڪمال چيو ته اوهان سان ملي خوشي ٿي، اوهان کي تمام گهڻو ڏٺو.صحافي شاهد خاقان سان ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته اوهان جي وزيراعظم ٿيڻ لاءِ دعاگو آهيان.مصطفيٰ ڪمال چيو ته شاهد خاقان عباسي وزيراعظم ٿيڻ جو حقدار آهي.شاهد خاقان عباسي چيو ته هي ماڻهو وزير اعظم جو عهدو سنڀاليندا ۽ ڪير به نه ايندو.










