لاهور: (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي نگران حڪومت اٽي اسڪيم ۾ ڪرپشن جي الزام تي سخت رد عمل ڏيندي چيو آهي ته شاهد خاقان عباسي يا ته معذرت ڪري يا ثبوت ڏئي.رپورٽ موجب اطلاعات بابت نگران وزير عامر مير چيو آهي ته مفت اٽي اسڪيم ۾ هڪ پائي جي به ڪرپشن ناهي ٿي الزام لڳائيندڙن جي پنهنجي ساک مجروح ٿي آهي.هن چيو ته اٽي واري اسڪيم پنجاب جي تاريخ جي ڪامياب ترين اسڪيم رهي. هن اسڪيم مان پنجاب جي 3 ڪروڙ مستحق ماڻهن فائدو کنيو. اٽي اسڪيم جي لاءِ وفاقي ۽ پنجاب حڪومت ملي فنڊ ڏنو. اٽي اسڪيم کي پارٽي جي اندروني سياست جي نظر ڪرڻ سراسر زيادتي آهي.هن چيو ته شاهد خاقان عباسي يا ته معذرت ڪري يا ثبوت ڏئي. پنجاب حڪومت تي الحمدالله ڪوبه ڪرپشن جو الزام ناهي لڳائي سگهيو. پنجاب حڪومت هڪ هڪ پائي جو حساب ڏئي سگهي ٿي.










