شاهاڻي جي تدفين، قتل جوڪيس 5 جوابدارن تي داخل

شاهاڻي جي تدفين، قتل جوڪيس 5 جوابدارن تي داخل

خيرپور(ڊ ر)راڻيپور ٿاڻي جي لاڪپ اندر قتل ٿيل نوجوان ڪامريڊ ميان بخش شاھاڻي کي جنازي نماز بعد اڄ سندس اباڻي قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. کيس گذريل ڏينهن ساٿي قيدي سعيد راڄپر قتل ڪيو هو. ٻئي پاسي قتل جو ڪيس مقتول جي ڀاڻيجي جميل شاھاڻي جي فرياد تي پنجن ڄڻن سعيد راڄپر سڪندر ڄامڙو عبداللطيف ڄامڙو حاجي ڄامڙو ايڊووڪيٽ فدا ڄامڙو مٿان داخل ڪيو ويو آهي. مقتول ميان بخش شاھاڻي جي جنازي نماز درگاھ شاھ جمال تي ادا ڪئي وئي جنهن ۾ وڏي انگ ۾ شاھاڻي برادري سميت مختلف برادرين جي ماڻهن شرڪت ڪئي جنازي نماز بعد کيس درگاھ شاھ جمال جي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. ياد رهي ته ڄامڙن ۽ شاهاڻي برادرين جي ڌرين ۾ جهيڙو هلندڙ آهي. ڊاڪٽرن جي ابتدائي رپورٽ موجب 4 کان پنج فوٽ جي فاصلي تان 2 گوليون ڪن وٽ لڳل آهن جيڪي مٿي کان نڪري ويون آهن.، فوتي رت گهڻو وهڻ سبب فوت ٿيو.

پهنجو تبصرو موڪليو