برلن (ويب ڊيسڪ) شام جو هڪ نوجوان جيڪو 8 سال اڳ پناهگير طور جرمني آيو هو، هڪ ڳوٺ جو ميئر چونڊيو ويو.پرڏيهي ميڊيا موجب 29 سالن جو ريان الشبال 21 سالن جي عمر ۾ 2015 ۾ پناهگير طور جرمني آيو هو ۽ هاڻ جرمني جو شهري آهي.رپورٽ موجب ريان الشبل کي ڏکڻ جرمني جي هڪ ڳوٺ جو ميئر چونڊيو ويو آهي.ريان الشبل آزاد حيثيت ۾ ميئر جي چونڊ وڙهي ۽ 55.41 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو، ڳوٺ ۾ ووٽرن جو ڪل تعداد 1900 هو.ريان الشبيل جرمني جي گرين پارٽي جو ميمبر پڻ آهي پر هو آزاد حيثيت سان مڪاني چونڊن ۾ حصو ورتو ۽ 8 سالن لاءِ ميئر چونڊيو ويو.ريان الشبل جو چوڻ آهي ته سندس علائقي ۾ تمام گهڻو ڪم ڪرڻو آهي، هو ٻارن جي سار سنڀال ۽ بزرگن جي سار سنڀال جي سهولتن سان گڏ سپر مارڪيٽ جهڙين بنيادي سهولتن تي ڌيان ڏيندو.










