ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)پاڪستان ريلوي 27 آگسٽ 2022 تي بند ڪيل شاليمار ايڪسپريس کي 8 مهينا 3 ڏينهن کانپوءِ اڄ کان بحال ڪري ڇڏيو آهي.ڪراچي کان ايندڙ ٽرين جو افتتاح ڊويزنل سپرنٽينڊنٽ پاڪستان ريلوي ڪراچي اطهر رياض اڄ (سومر) صبح جو ڪراچي ڪينٽ کان ڪيو.ٽرين 19 ڪوچن تي مشتمل آهي، جنهن ۾ 2 اي سي بزنس، 1 اي سي پارلر، 2 اي سي معياري ۽ 12 اڪانومي ڪلاس سان گڏ 1 بريڪ وان، 1 پاور وان ۽ 1 ريسٽورنٽ ڪوچ شامل آهن.ٽرين ۾ 1198 مسافرن جي ويهڻ جي گنجائش آهي ۽ ڪراچي کان لاهور تائين 10 اسٽاپ آهن. ٽرين ڪراچي ڪينٽ کان روزانو صبح 6 وڳي حيدرآباد، نواب شاهه، روهڙي، رحيم يار خان، خانپور، بهاولپور، ملتان، ساهيوال، رائيونڊ کان ويندي آهي. ساڳئي تاريخ تي رات 11:45 تي لاهور پهچندي، سفر جو ڪل وقت 17 ڪلاڪ 45 منٽ آهي.اها ٽرين هاڻي فيصل آباد جي پنهنجي مقرر روٽ بدران ملتان، ساهيوال ذريعي سفر ڪندي. ريلوي ۽ سول ايوي ايشن واري وفاقي وزير خواجا سعد رفيق جي خاص هدايتن تي هن ٽرين جي سمورن ڪلاسن ۾ پهرين مئي 2023ع کان 15 مئي 2023ع تائين 20 سيڪڙو رعايت ۽ 16 مئي 2023 کان 31 مئي 2023 تائين 10 سيڪڙو رعايت جو اعلان ڪيو ويو آھي.اڄوڪي ٽرين 27 اپ شاليمار ايڪسپريس ۾ ڪراچي کان 907 مسافر سفر ڪري رهيا آهن.










