سڪرنڊ (ن سنڌيار) اردو ٻوليءَ جو ڀلوڙ شاعر، ليکڪ ، تعلقه اسپتال سڪرنڊ جو ميڊيڪل سپريڊنٽ ۽ صحت کاتي جو اڳوڻو ضلعي آفسير ڊاڪٽر معين الدين شيخ ڪجھ ڏينهن بيمار رهڻ بعد ڪراچيءَ جي هڪ نجي اسپتال ۾ وفات ڪري ويو مرحوم کي گذريل هفتي بظاهر نمونيا جي تڪليف ٿي جنهن تي کيس اسپتال داخل ڪيو جتي ڊاڪٽرن کيس ڪورونا جو پڻ شڪ ڏيکاريو جنهن بنياد تي سندس علاج جاري هو ڊاڪٽرن پاران ڪوشش ڪرڻ باوجود معين شيخ زندگي هارائي ويٺو سندس مڙھ ايمبولينس ذريعي نوابشاھ سندس رهائش گاھ آندو ويو هو جتي ڪفن ۽ غسل بعد سندن ئي اباڻي قبرستان نوابشاھ ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. ھوڏانهن ڊاڪٽر معين شيخ جي اوچتو وڇوڙي تي سڪرنڊ پريس ڪلب جي صدر محمد صديق منڱيو راج ڪماراوڏ قادر بخش بلوچ رضا محمد سيال اڪبر ملاح مشتاق سولنگي مير محمد سولنگي مسعود عمراڻي ڊاڪٽر گل محمد لغاري ، انچارج ايم ايس ڊاڪٽر نصير احمد ميمڻ پاران سندس وارثن سان ڏک جو اظهار ڪيو ويو آهي.










