شارع فيصل تي حادثو، نياڻي فوت، والدين زخمي

شارع فيصل تي حادثو، نياڻي فوت، والدين زخمي

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي اهم شاهراهه شارع فيصل تي عوامي مرکز وٽ جامعہ ڪراچي جي بس جي ٽڪر ۾ موٽرسائيڪل سوار نياڻي موقعي تي ئي فوت ٿي وئي جڏهن ته سندس والدين زخمي ٿي پيا.پوليس موجب چنيسر گوٺ جي رهاڪو نياڻي سميرا پنهنجي والدين سان گڏ ايئرپورٽ ڏانهن وڃي رهي هئي ته اوورٽيڪنگ دوران جامعہ ڪراچي جي بس کين ٽڪر هنيو. حادثي جي نتيجي ۾ سميرا موقعي تي ئي دم ڌڻيءَ حوالي ڪيو. حادثي بعد فرار ٿيندڙ ڊرائيور کي گهيري ۾ وٺي شهرين پڪڙي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو، جڏهن ته پوليس بس کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي وڌيڪ جاچ شروع ڪري ڏني آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو