ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)شارجه کان ڪراچي ايندڙ هڪ نجي ايئرلائن جو مال بردار ڪارگو جهاز ڪراچي ويجهو سمنڊ ۾ ڪري تباهه ٿي ويو.
نجي ايئرلائن طرفان جاري ڪيل بيان موجب، بوئنگ 737 ڪارگو جهاز گذريل رات شارجه کان ڪراچي اچي رهيو هو، جڏهن رات 9 لڳي 21 منٽن تي ان جو ايئر ٽريفڪ ڪنٽرول سان رابطو اوچتو ڪٽجي ويو.
ايئرلائن موجب جهاز ۾ عملي جا پنج ميمبر سوار هئا، جن ۾ پائلٽ رضوان ادريس، فرسٽ آفيسر فيصل جتوئي، لوڊ ماسٽر توفيق خان، ۽ انجنيئر عارف صديقي ۽ محمد حامد شامل هئا.
ذريعن موجب، گم ٿيل جهاز جي ڳولا لاءِ بحري ۽ فضائي سرچ آپريشن جاري آهي، پر نجي ڪمپني جي ڪارگو جهاز جو 12 ڪلاڪ گذرڻ باوجود به ڪو پتو نه پئجي سگهيو آهي. جهاز جي گم ٿيڻ جي سبب بابت اڃا تائين ڪا به اهم اڳڀرائي سامهون نه آئي آهي.
سرچ آپريشن جو دائرو وڌيڪ وسيع ڪيو ويو آهي. اختيارين جو چوڻ آهي ته جهاز يا ان جي ملبي جو پتو لڳڻ کان اڳ ڪجهه به چوڻ وقت کان اڳ هوندو. ملبي ۽ فلائيٽ رڪارڊر جي هٿ اچڻ کان پوءِ ئي حادثي جي حقيقت سامهون اچي سگهندي.
هوابازي جي ماهرن موجب، سامونڊي حادثن جي جاچ تي موسم، سمنڊ جي لهرن ۽ پاڻي جي گهرائي جو وڏو اثر پوي ٿو. هوابازي جي تاريخ ۾ اهڙا ڪيترائي جهاز به رهيا آهن، جيڪي گم ٿيڻ کان پوءِ سالن تائين ڳولها هيٺ رهيا. ملبو هٿ اچڻ تائين حادثي جي سببن بابت حتمي راءِ قائم ڪرڻ ممڪن ناهي.
ياد رهي ته گذريل ڏينهن شارجه کان ڪراچي ايندڙ نجي ايئرلائن جو ڪارگو جهاز ڪراچي کان اولهه طرف 155 ناٽيڪل ميل پري سمنڊي نار (خليج) ۾ گم ٿي ويو هو.
پاڪستان ايئرپورٽس اٿارٽي ڪارگو جهاز جي گم ٿيڻ جي تصديق ڪندي ٻڌايو ته شارجه کان ڪراچي ايندڙ ڪي ٽو ايئرويز جي ڪارگو اڏام سان رابطو منقطع ٿي ويو هو.
ڪارگو جهاز رات 9 لڳي 18 منٽن تي نيويگيشنل سسٽم ۾ خرابي جي رپورٽ ڪئي، جنهن کان پوءِ ڪراچي ايريا ڪنٽرول سينٽر فوري طور جهاز جي رهنمائي شروع ڪئي.
اختيارين موجب، رات 9 لڳي 21 منٽن تي جهاز ريڊار تي تيزيءَ سان هيٺ لهندي ڏٺو ويو ۽ ان اوچتو پنهنجي اڏام جو رخ تبديل ڪيو، جنهن کان پوءِ ڪراچي کان لڳ ڀڳ 155 ناٽيڪل ميل اولهه طرف جهاز سان ريڊار ۽ مواصلاتي رابطو مڪمل طور ڪٽجي ويو.










