ٽنڊوباگو(ن سنڌيار) ٻه ڏينهن اڳ هڏاڇڙ شاخ تي ڪيل آپریشن ۾ بند ڪيل واٽر ڪورس کولڻ لاءِ ٽنڊوباگو بدين روڊ تي هڏاڇڙ موري موري وٽ سهتا ۽ ھاليپوٽا برادري جو ڌرڻو روڊ بلاڪ، ٽريفڪ معطل. خبر موجب ٽنڊوباگو بدين روڊ تي هڏاڇڙ موري تي هڏاڇڙ شاخ جي آبادگارن جو ڪنڊو سهتو، شاهد سهتو، رمضان ھاليپوٽو ۽ اياز ھاليپوٽو جي اڳواڻي ۾ ايريگيشن عملي پاران ڇنڇر ڏينهن هڏاڇڙ شاخ تي غير قانوني واٽر ڪورسن خلاف آپریشن ڪرائي غیر قانوني واٽر ڪورسن کي بند ڪرڻ تي ايريگيشن عملي خلاف سوين ماڻهن احتجاجي ڌرڻو هڻي روڊ تي رڪاوٽون رکي بدين ٽنڊوباگو روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو. ان موقعي تي شاهد سهتو ۽ ڪنڊو سهتو ايريگيشن جي ايس ڊي او فياض قمبراڻي تي الزام هڻندي چيو ته هڏاڇڙ شاخ تي آپريشن ۾ غير قانوني واٽر ڪورسن خلاف ڪجھ نه ڪيو ويو آهي، اسان جي جائز واٽر ڪورسن کي ايريگيشن جي ايس ڊي او فياض قمبراڻي لٽائي بند ڪري ڇڏيو آهي. مظاھرين احتجاج دوران ايس ڊي او فياض قمبراڻي خلاف سخت نعريبازي ڪئي. ٽن ڪلاڪن کان پوءِ ڊي ايس پي ٽنڊوباگو ڌرڻو هڻندڙن سان ڳالهيون ڪري ڌرڻو ختم ڪرائي روڊ کولرائي ڇڏيو.










