شڪارپور (عبدالخالق سومرو) سلطان ڪوٽ ٿاڻي جي حد ڳوٺ دوست واہ ۾ بروھي برادريءَ جي ٻن ڌرين ۾ رشتن جي معاملي تان جاري جھيڙي ۾ فائرنگ جي نتيجي ۾ ٻه سڳا ڀائر بابو بروھي ۽ مراد بخش عرف شاھو ولد قلندر بخش بروهي مارجي ويا، جوابدار فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا، اطلاع ملڻ تي پوليس جاءِ واردات تي پھچي لاش تحويل ۾ وٺي سول اسپتال شڪارپور پھچايا، پوليس جي مطابق واقعو رشتي جي معاملي تان پيش آيو آھي، جوابدار گھر خالي ڪري فرار ٿي ويا آھن، جلد جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويندو.










