سڪندر سلطان راجا چيف اليڪشن ڪمشنر مقرر، نوٽيفڪيشن جاري

سڪندر سلطان راجا چيف اليڪشن ڪمشنر مقرر، نوٽيفڪيشن جاري

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي حڪومت اليڪشن ڪشمنر آف پاڪستان جي سربراهه ۽ 2 ميمبرن جي مقرري جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي جنهن مطابق چي اليڪشن ڪمشنر 5 سالن تائين پنهنجي عهدي تي رهندو. وزارت پارلياماني طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب پاڪستان جي آئين جي آرٽيڪل 48 سان گڏ 213 ۽ 215 تي عمل ڪندي ملڪ جي صدر ڊاڪٽر عارف علوي سڪندر سلطان راجه کي بطور چيف اليڪشن ڪمشنر مقرر ڪري ڇڏيو. نوٽيفڪيشن مطابق چيف اليڪشن ڪمشنر جو مدو 5 سال هوندو ۽ ان تي عمل دفتري معاملا سنڀالڻ واري ڏينهن کان لاڳو هوندو. ان سان گڏ اليڪشن ڪميشن جي ٻين 2 ميمبرن سنڌ کان نثار دراني ۽ بلوچستان جي شاهه محمد جتوئي جي مقرري جا نوٽيفڪيشن به جاري ڪيا ويا. ياد رهي ته 21 جنوري 2020 تي اليڪشن ڪميشن جي سربراهه ۽ ميمبرن جي مقرري واري معاملي تي گهڻي ڇڪتاڻ رهي ۽ مختلف وقتن تي مشاورتي اجلاسن کان پوءِ آخرڪار حڪومت ۽ اپوزيشن وچ ۾ چيف اليڪشن ڪمشنر لاءِ سڪندر سلطان راجه جو نالو ڏنو ويو. سڪندر سلطان راجه پهرين ڊسمبر 1959 تي پنجاب ۾ پيدا ٿيو ۽ 4 جون 1987 تي ملازمت شروع ڪئي. هو پنهنجي سروس دوران مختلف عهدن تي رهيو ۽ 22هين گريڊ کان ڪجهه مهينا اڳ بطور سيڪريٽري ريلوي ريٽائرڊ ٿيو جڏهن ته هو آزاد ڄمون ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي پيٽروليم سيڪريٽري ۽ چيف سيڪريٽري طور به خدمتون سرانجام ڏئي چڪو آهي. جڏهن چوڌري نثار علي خان وزير داخلا هيو ان وقت هي ڊائريڪٽر جنرل پاسپورٽ به رهيو. هن صوبائي سيڪريٽري آف ڪميونڪيشن اينڊ ورڪس، سروسز ۽ جنرل ايڊمنسٽريشن جا فرائض به انجام ڏنا. ان کان علاوهه هو مختصر مدي لاءِ پنجاب ۾ ايڊيشنل چيف سيڪريٽري مقرر ٿيڻ کان اڳ بلدياتي حڪومت جو سيڪريٽري به رهيو. سلطان راجه سعيد مهدي جو نياڻو آهي جيڪو اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف ۽ اسلام آباد جي چيف ڪمشنر عامر احمد علي جي ڀاءُ جو پرنسپل سيڪريٽري به رهي چڪو آهي جيڪو اڄڪلهه عمران خان جي تمام ويجهو سمجهيو وڃي ٿو. سڪندر سلطان راجه جو والد آرمي آفيسر هيو جڏهن ته ان جي گهرواري رباب سڪندر پاڪستان ڪسٽمز ۾ 21هين گريڊ جي آفيسر آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو