سکر ۾ 60 سيڪڙو روڊ تباهه ۽ 40 هزار گهرن کي نقصان ٿيو: ڌاريجو

سکر ۾ 60 سيڪڙو روڊ تباهه ۽ 40 هزار گهرن کي نقصان ٿيو: ڌاريجو

سکر (ن سنڌيار) صنعت، واپار ۽ گڏيل امداد کاتن وارو صوبائي وزير ڄام اڪرام الله ڌاريجو پنهنجي هڪ بيان ۾ ٻڌايو آهي ته ٿيندڙ مون سون برساتن ۽ ٻوڏ جي ڪري سکر ۾ وڏي پيماني تي تباهي ٿي آهي. تازين برساتن ۽ ٻوڏ ۾ ضلعي سکر ۾ لائيو اسٽاڪ ۽ زراعت کي وڏو نقصان پهتو آهي. ڄام اڪرام الله ڌاريجو وڌيڪ چيو ته ٻوڏ ضلعي سکر جا 60 سيڪڙو روڊ تباهه ڪري ڇڏيا آهن جڏهن ته منهنجي حلقي سميت سکر ضلعي ۾ 40 هزار کان وڌيڪ گهرن کي نقصان پهتو آهي. هن چيو ته سکر ۾ هڪ لک 35 هزار ايڪڙ تي بيٺل پوکيون تباهه ٿيون آهن. سکر ضلعي ۾ 30 هزار کان وڌيڪ خيمن جي اشد ضرورت آهي. صوبائي وزير ڄام اڪرام الله ڌاريجو جي مطابق سکر ضلعي ۾ 75 هزار کان وڌيڪ مڇردانين جي پڻ ضرورت آهي. سنڌ حڪومت ٻوڏ متاثرن کي ‍‍وچڙندڙ بيمارين کان محفوظ رکڻ لاءِ اسپري ڪري رهي آهي ۽ طبي ڪيمپن ۾ دوائن ۽ ٻيون سهولتون مفت فراهم ڪيون پيون وڃن. هن چيو ته حڪومت پاران ٻوڏ متاثرن کي راشن جي فراهمي جو ڪم جاري آهي. سکر ضلعي ۾ 90 هزار راشن بيگز جي پڻ اشد ضرورت آهي. هن چيو ته هڪ مشڪل وقت مان گذري رهيا آهيون. هن مشڪل وقت ۾ سنڌ حڪومت پنهنجن ماڻهن سان گڏ بيٺل آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو