سکر ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ پريالي جو رهواسي قتل

سکر ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ پريالي جو رهواسي قتل

سکر (ن س )سکر ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ پريالي جو رهواسي قتل ٿي ويو آهي. رات دير سان سکر ۾ هٿياربندن فائرنگ ڪئي.هٿياربندن جي فائرنگ ۾ پريالي جي ڪچي واري علائقي ڳوٺ ملان غلام علي ناريجو جو رهواسي غلام مصطفيٰ ناريجو قتل ٿي ويو. اطلاع ملڻ بعد پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش تحويل ۾ وٺي اسپتال پهچايو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو. پوليس جو چوڻ آهي ته هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو آهي، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو