ڪراچي(استاف رپورٽر) سکر ۾ رڪارد ٽوڙ برسات جي متضاد دعوائن سبب سکر جي ميئر ۽ ميٽرولوجيڪل دپارٽمينٽ جي ترجمان ۾ ڊيڊ لاڪ برقرار آهي. سکر ۾ برسات بابت ميئر ويڊيو بيان ۾ آچر تي چيو هو ته سکر ۾ 77 سالن جي برسات جو رڪارڊ ٽٽي ويو آهي ۽ 48 ڪلاڪن ۾ صوبائي حڪومت پاران لڳايل برسات ماپڻ جي اوزارن تي 290 ملي ليٽر بارش رڪارڊ ٿي آهي. جڏهن ته موسميان کاتي جي ترجمان سردرا سرفراز، ميئر جي انگن اکرن کي رد ڪندي چيو هو ته سکر ۾ 48 ڪلاڪن جي برسات جيڪا 4 مرحملن ۾ ٿي اها 181 ملي ليٽر هئي. ميئر جو چون آهي ته موسميات کاتي جي برسات ماپڻ جا اوزار پراڻا ۽ مدي خارج آهن. اسين سکر صلعي جي سڀني تعلقن ۾ صوبائي حڪومت جي منظوري سان اوزار لڳايا هئا ۽ هر 3 ڪلاڪن م اسان ريڊنگ ورتي پئي ۽ سي ايم ويب پورٽل تي به اها ڊيٽا شيئر ڪئي هئي.










