ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) پاڪستان جي موسميات کاتي (پي ايم ڊي) نئين مون سون سسٽم بابت خبردار ڪيو آهي ته 26 آگسٽ کان 30 آگسٽ تائين سڄي ملڪ ۾ تيز برساتن جو امڪان آهي، جنهن سبب سنڌ سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿي سگهي ٿي. خليج بنگال مان اٿندڙ طوفاني برساتي سلسلو پاڪستان جي ڏاکڻين علائقن ۾ داخل ٿيڻ جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي، جنهن سبب ڪراچي، ٺٽو، بدين ۽ سنڌ جي ٻين علائقن ۾ تيز برسات پوڻ جو امڪان آهي. موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته 25 آگسٽ کان 29 آگسٽ تائين ڪراچي، عمرڪوٽ، ميرپورخاص، سکر ۽ سانگهڙ ۾ طوفاني برساتن جو امڪان آهي. بلوچستان جي ضلعن قلات، لسبيلا ۽ بارکان ۾ 26 آگسٽ کان 30 آگسٽ جي وچ ۾ تيز برساتن جو امڪان آهي، جنهن سبب ٻوڏ جو خطرو آهي. پنجاب خاص طور تي مري، اسلام آباد، لاهور ۽ ٻين مٿانهين علائقن ۾ 25 آگسٽ کان 28 آگسٽ تائين برسات پئجي سگهي ٿي، موسميات کاتي اترين علائقن خيبرپختونخواهه (ڪي پي) سميت هزاره، پشاور ۽ مردان ۾ گجگوڙ سان برسات جو امڪان ظاهر ڪيو آهي. سنڌ ۽ بلوچستان جي هيٺين علائقن ۾ ٻوڏ جا خطرا وڌي ويا آهن، جڏهن ته وچ پنجاب شهري ٻوڏ کي منهن ڏئي سگهي ٿو. ان کان علاوه اتر ڪي پي ۽ گلگت بلتستان ۾ مسلسل برساتن سبب لينڊ سلائيڊنگ جو خدشو آهي. موسميات کاتي اختيارين تي زور ڀريو ويو آهي ته هو خطري وارن علائقن ۾ احتياطي اپاءَ وٺن، ٽرانسپورٽ ۽ ڪميونيڪيشن نيٽ ورڪ ۾ امڪاني خلل جي لاءِ وارننگ جاري ڪن.










