سڄي ملڪ ۾ تازين برساتن سبب 76 ڄڻا فوت

سڄي ملڪ ۾ تازين برساتن سبب 76 ڄڻا فوت

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)نيشنل ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) موجب تازي برساتن سبب سڄي ملڪ ۾ 76 ڄڻا فوت جڏهن ته 133 ڄڻا زخمي پڻ ٿيا آهن.نيشنل ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي جي تازي برساتن سبب ٿيل جاني ۽ مالي نقصان جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته 25 جون کان وٺي سڄي ملڪ ۾ برساتن سبب 76 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن، جن ۾ پنجاب ۾ 48 ۽ خيبرپختونخواهه ۾ 48 ڄڻا شامل آهن. 20 ڄڻا مارجي ويا.جاري ڪيل رپورٽ موجب پنجاب ۾ 48، خيبرپختونخواهه ۾ 20، بلوچستان ۾ 5 ۽ آزاد ڪشمير ۾ 3 فوتگيون ٿيون آهن. رپورٽ موجب سڄي ملڪ ۾ 30 مرد، 15 عورتون ۽ 31 ٻارڙا حياتيون وڃائي ويٺا آهن.رپورٽ موجب زخمين جو انگ 133 ٿي ويو، جن ۾ 49 مرد، 38 عورتون ۽ 48 ٻار شامل آهن، جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ 78 گهرن کي نقصان پهتو.

پهنجو تبصرو موڪليو