سڄي سنڌ وانگر چوٽياريون ثقافتي رنگن سان رنگجي ويو

سانگھڙ(رپورٽ ذوالفقارشاھ)سڄي سنڌ وانگر چوٽياريون ثقافتي رنگن سان رنگجي ويو،چوٽياريون ويجھو ڳوٺ راڻوخان لغاري ۾ ثقافتي پروگرام منعقد ڪيو ويو قومي گيتن تي رقص ۽ جهمريون. چوٽياريون ويجھو پنيري لڳ ڳوٺ راڻو خان لغاري ۾  ثقافتي پروگرام منعقد ڪيو ويو پرگرام ۾ سگھڙن راڳين ۽ الغوزي نوازن شرڪت ڪري محفل ۾ آيلن کي جھومائي ڇڏيو، پروگرام ۾ سيد جمال شاھ سائين بخش لغاري،غلام مصطفي لغاري،استاد سومر لغاري،اختر لغاري،نورمحمد لغاري،پھلوان لغاري، مجيد لغاري،امتياز لغاري،نورمحمد لغاري،شاعر عبدالغفار لغاري،عبدالمجيد لغاري،سگھڙ ولي محمد لغاري،اختر علي لغاري،پيربخش راڄڙ،علي اڪبر جوڻيجو،حيات خاصخيلي،ظفرالله لغاري،عاجز اعجاز راڄڙ،مٺاخان راڄڙ، رضامحمد راڄڙ،اويس ڪيريو ۽ ٻين ميڊيا وارن سان ڳالھائيندي چيو ته الله جي پيارن ھميشه ٻڌي ۽ امن جو پيغام ڏنو آھي ھنن چيو ته سنڌ جي ثقافت ھزارين سال پراڻي آھي ثقافتي پروگرامن جو مقصد سنڌ جي ثقافت کي وڌيڪ اجاگر ڪرڻ آھي تـ جيئن اسان جي ثقافت زنده رهي سگهي ۽ ايندڙ نسل کي پڻ ثقافت جي ڄاڻ ڏئي سگهجي.ھنن وڌيڪ چيو ته اسان سڀني کي گهرجي ته ننڍا يا توڙي وڏا سنڌ جي لاء ھميشه ھر جاني مالي قرباني ڏيڻ لاء تيار رهون تـ جيئن سنڌ جي صقافت کي بچائي سگهجي.

پهنجو تبصرو موڪليو