سڀني شين جو حل جماعت اسلامي آهي:محنتي

سڀني شين جو حل جماعت اسلامي آهي:محنتي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير اڳوڻي ايم اين اي محمد حسين محنتي چيو آهي ته پاڪستان بدترين ڪرپشن، ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي ۽ بيروزگاري توڙي غير ملڪي غلامي کان نجات فقط جماعت اسلامي جي اهل ۽ باصلاحيت قيادت ڏياري سگهي ٿي، ستر سالن کان ڪروڙين پاڪستانين کي بنيادي سهولتن کان محروم ڪرڻ واري ٽولي جو انجام ويجهو آهي، گذريل ٽيهه سالن کان عوام کان ووٽ وٺي مڪاني، صوبائي ۽ قومي سطح تي اختيار حاصل ڪرڻ وارن شهرين جو بدترين استحصال ڪيو آهي، ميرپور خاص جا لکين شهري اڄ پئيڻ جي صاف پاڻي، صحت جي بنيادي سهولتن، يونيورسٽي ۽ ڪاليجن کان محروم توڙي گيس ۽ بجلي جي بدتريين بحران ۽ ناجائز ڳرن بلن جي عذاب جو شڪار بڻيل آهن، عوام 08 فيبروري تي فقط “ ساهمي” تي ٺپو هڻي پاڪستان جي روشن ۽ محفوظ مستقبل جو بنياد وجهي، سالن کان اقتدار ۽ اختيار رکڻ وارن حڪمرانن عوام کي مايوسين ۽ محرومين کان سواءِ ڪجهه به ناهي ڏنو، عوام 08 فيبروري تي پي ڊي ايم ٽولي سميت اڳوڻن حڪمرانن کي ووٽ جي پرچي ذريعي مسترد ڪري سالن کان جاري بدترين استحصال جو انتقام وٺي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ميرپورخاص ۾ مختلف هنڌن تي ڪارنرميٽنگن کي خطاب ۽ ايم اي جناح روڊ، شاهي بازار، پوسٽ آفس چوڪ تي دڪانن ۽ بازارن ۾ وڃي عام ماڻهن سان رابطو ۽ واپارين سان ملاقاتن دوران ڪيو. ان موقعي تي شهرين ۽ جماعت اسلامي ڪارڪنن محمد حسين محنتي ۽ جماعت اسلامي جي نامزد اُميدوار حاجي نور الاهي مغل،مفتي تحسين احسن ڀٽو جو شاندار آڌر ڀاءُ ڪيو ۽ کين گلن جا هار پارايا ويا. محمد حسين محنتي وڌيڪ چيو ته پاڪستان جي نظرياتي سرحدن جي حفاظت ۽ اسلام جو بابرڪت نظام نافذ ڪرڻ ۾ ئي ملڪ کي بدترين مسئلن ۽ غيرملڪي غلامي کان نجات ڏياري سگهي ٿو. صوبائي امير خواتين ورڪرز ڪنونشن کي پڻ خطاب ڪيو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو