لاهور (م ڊ) لاهور هاءِ ڪورٽ پنجاب جي گورنر عمر سرفراز چيما کي هدايت ڪئي آهي ته هو سڀاڻي تائين پنجاب جي نئين چونڊيل وڏي وزير حمزه شهباز کان حلف کڻائي يا ڪنهن ٻئي کي حلف لاءِ پنهنجو نمائندو نامزد ڪري. عدالت حمزا شهباز جي پنجاب جي وڏي وزير جي عهدي جو حلف کڻڻ واري درخواست تي محفوظ ڪيل فيصلو چيف جسٽس محمد عامر ڀٽي پڙهي ٻڌايو. لکت واري فيصلي ۾ رمارڪس ڏنا ويا آهن ته پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير عثمان بوزدار جي استعيفيٰ جي منظوري کانپوءِ صوبي ۾ گذريل 25 ڏينهن کان صوبو بنا حڪومت جي هلي رهيو آهي، ان معاملي ۾ بنا جواز دير ڪئي پئي وڃي جيڪا نه رڳو جمهوري قدرن جي خلاف آهي. پر آئين جي خلاف پڻ آهي. فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته پنجاب جو گورنر آئين جي آرٽيڪل 255 موجب 28 اپريل تي يا ان کان اڳ پنجاب جي وڏي وزير جي عهدي جو حلف کڻي پاڻ يا پنهنجي نامزد ڪيل نمائندي ذريعي مڪمل ڪرڻ کي يقيني بڻائي. لکت واري فيصلي ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته پاڪستان جو صدر، جيڪو ڪنهن به صوبي ۾ وزيراعظم يا وڏي وزير جي عهدي جي حلف برداري جي فوري انتظاميه کي آسان بڻائڻ جي آئيني ذميواري جو پابند آهي، ان لاءِ آئين/قانون موجب اهو ضروري آهي ته هو پنهنجي ذميواري ادا ڪري. پنجاب ۾ فعال صوبائي حڪومت کي يقيني بڻائڻ لاءِ ائين ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي. فيصلي ۾ ڪورٽ آفيس کي هدايت ڪئي وئي ته آرڊر گورنر آفيس ۽ صدر جي آفيس کي فيڪس ڪيو وڃي ته جيئن ان کي پيش ڪري سگهجي.










