سپر سڪسز جي فائنل ۾ سريلنڪا جي پاڪستان کي شڪست

سپر سڪسز جي فائنل ۾ سريلنڪا جي پاڪستان کي شڪست

هانگ ڪانگ(ويب ڊيسڪ) هانگ ڪانگ سڪسز جي فائنل ۾ سريلنڪا پاڪستان کي 3 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي آهي. پاڪستان اڳ م بيٽنگ ڪندي 6 وڪيٽن جي نقصان تي 72 رنسون ٺاهيون، محمد اخلاق 48 رنسون ٺاهي نمايان رهيو. سريلنڪا 5 اوورز ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي ٽارگيٽ حاصل ڪري ورتو، ورڪ ڪوڊو 34 رنسون ٺاهي ٽاپ اسڪورر رهيو. ان کان اڳ سپر سڪز جي پهرين سيمي فائنل ۾ پاڪستان آسٽريليا کي شڪست ڏئي فائنل ۾ پهچي ويو آهي. ٻيو سيمي فائنل ۾ بنگلاديش ۽ سريلنڪا ۾ کيڏيو ويو ۽ سريلنڪا 104 رنز جو ٽارگيٽ 3 وڪيٽن جي نقصان تي هڪ بال باقي هو ته بنگلاديش کي شڪست ڏئي فائنل ۾ پهچي ويو آهي. سريلنڪا جي ويرا ففٽي اسڪور ڪئي. ان کان اڳ آسٽريليا پهريان بيٽنگ ڪندي هڪ وڪيٽ جي نقصان تي 107 رنسون ٺاهيون. ڊينئل ڪرسچن 42 ۽ جيڪ ووڍ 36 رنسون ٺاهي نمايا رهيا. پاڪستان جي اوپنرز آصف علي 8 ۽ محمد اخلاق ڏهه بالن تي 32، 32 رنسون ٺاهيون. عامر يامين 24 ۽ ڪپتان فهيم اشرف 19 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيا ۽ 6 اوورز واري ميچ ۾ هڪ بال باقي هو ته پاڪستا ن 4 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ميچ کٽي آسٽريليا جي اميدن تي پاڻي ڦيري ڇڏيو. ڪوارٽر فائنل ۾ پاڪستان ڏکڻ آفريڪا کي 17 رنز تان شڪست ڏني هئي. ياد رهي ته سپر سڪز جو پاڪستان 5 ڀيرا چيمپئن رهي چڪو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو