لنڊن(ويب ڊيسڪ)سائنسدانن سپر بيڪٽيريا خلاف جنگ ۾ وڏي ڪاميابي حاصل ڪئي آهي. بي بي سي جي رپورٽ موجب اسرائيل جي سائنسدانن انساني مدافعتي نظام جو هڪ نئون حصو دريافت ڪيو آهي جيڪو قدرتي اينٽي بايوٽڪ دوائن جو خزانو ثابت ٿي سگهي ٿو. 10 لک کان وڌيڪ ماڻهو هر سال انفيڪشن جي ڪري مري ويندا آهن جن جو موجوده اينٽي بايوٽيڪٽس سان علاج نه ٿوڪري سگهجي. سائنس دانن انساني جسم ۾ ‘ري سائيڪل پروٽين‘ واري حصي ۾ دريافت ڪيو آهي ته ان ۾ بيڪٽيريا کي مارڻ جو وڏو خزانو موجود آهي. سائنسدانن جسم جي هر سيل ۾ هڪ اهڙو مڪمل نظام دريافت ڪيو آهي جيڪو پراڻي پروٽين کي ٽوڙي ننڍڙن ٽڪڙن ۾ ورهائي ٿو جنهن کي نئين پروٽين ٺاهڻ لاءِ ٻيهر استعمال ڪري سگهجي ٿو. جڏهن ڪو سيل بيڪٽيريا کان متاثر ٿئي ٿو، اهو نظام ان کي سڃاڻي ٿو ۽ پراڻن پروٽينن کي موتمار هٿيارن ۾ تبديل ڪرڻ شروع ڪري ٿو جيڪي بيڪٽيريا جي ٻاهرين پرت کي چيڪ ڪري ان کي ماري سگهن ٿا. سائنسدانن جو چوڻ آهي ته هي هڪ تمام دلچسپ دريافت آهي ڇو ته اسان کي اڳ ۾ خبر نه هئي ته اهو ٿي رهيو آهي، اهو عمل سڄي جسم جي سڀني سيلن ۾ ٿي رهيو آهي ۽ قدرتي اينٽي بايوٽڪ جي هڪ نئين طبقي کي جنم ڏئي رهيو آهي. جيئن ته اهي مادا انساني جسم ۾ موجود هوندا آهن، ان ڪري انهن مان ٺهيل اينٽي بايوٽڪ دوائن جا ضمني اثرات به گهٽ هوندا آهن.










